حڪمران آئين تي عمل نٿا ڪن ته اها سندن ڪوتاهي آهي: مولانا فضل الرحمان

پشاور(ويب ڊيسڪ)جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ-ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آئين ۾ لکيل آهي ته قرآن ۽ سنت جي منافي ڪو قانون نه ٺاهيو ويندو، حڪمران آئين تي عمل نٿا ڪن ته اها سندن ڪوتاهي آهي.

پشاور ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي بزرگن سياسي جدوجهد جا درس آهن، اڄ به اسان انهن درسن تي عمل ڪرڻ جا محتاج آهيون.

هن چيو ته دفاعي طاقت ملڪ ۽ رياست جي ضرورت آهي، اسان پاڪستان جي مضبوط دفاعي قوت جا قائل آهيون.

ان موقعي تي خطاب ڪندي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عبدالغفور حيدري چيو ته ملڪ جي هاڻوڪي صورتحال ننڍي کنڊ جي صورتحال کان مختلف ناهي. اسان جو آواز دٻائڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪيو پيو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪي ڪائونسلر جي سيٽ به کٽي نٿا سگهن، انهن کي اسان جي سامهون آندو وڃي ٿو.

You might also like