لاهور(ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جماعت اسلامي ڪنهن به گرينڊ اپوزيشن اتحاد جو حصو بڻجڻ واري ناهي، ماضي ۾ اهڙن اتحادَن مان جماعت اسلامي کي فائدي بدران وڌيڪ نقصان ٿيو آهي.
لاهور ۾ جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان سينيئر صحافين ۽ اخبارن جي ايڊيٽرن سان ملاقات ڪئي.
حافظ نعيم الرحمان چيو ته نظام ۾ تبديلي لاءِ جماعت اسلامي پنهنجي زور تي سياسي فورم تان عوام جو ڪيس وڙهندي.
ڌرڻن بابت حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسان کي اسلام آباد ۾ ڳالهين جي دعوت ملي آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته لاهور، ڪراچي ۽ پشاور ۾ ڌرڻا هجن ۽ اسلام آباد جي بند ڪمرن ۾ ڳالهيون ٿين.
هن وڌيڪ چيو ته 13 ربيع الاول تي سڄي ملڪ ۾ شٽر ڊائون هڙتال جي لائحه عمل جو اعلان ڪنداسين. ڦيٿا جام ۽ شٽر ڊائون کانپوءِ اسلام آباد طرف فيصلائتو مارچ ڪنداسين. اسان جي تحريڪ ڊگهي هوندي، پر فيصلائتي ثابت ٿيندي.
جماعت اسلامي جي امير چيو ته صوبائي گادي وارن شهرن ۾ ڌرڻا ۽ ضلعن ۾ احتجاجي ڪئمپون لڳايون وينديون، جڏهن ته پيادل مارچ ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو آپشن پڻ غور هيٺ آهي.
هن ميڊيا کي اپيل ڪئي ته حڪومتي ليوي جي ظالماڻن قدمن کي سڀني جي سامهون آڻي. سندس چوڻ هو ته ليوي ڪو ٽيڪس ناهي، پر حڪومت جو جاگيرداراڻو ٽيڪس آهي.