ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي شاهه لطيف ٽائون سيڪٽر 17 اي ۾ ڌاڙو، هٿياربند ڌاڙيل 24 لک رپيا ۽ موبائل فون ڦري فرار ٿي ويا.
پوليس موجب واردات اڄ صبح پيش آئي، جڏهن ته واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ سامهون اچي وئي آهي.
فوٽيج ۾ جوابدارن کي گاڏي مان لهي ڦرلٽ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واردات ۾ ملوث جوابدارن جي ڳولا جاري آهي ۽ واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.