جماعت اسلامي 12 ربيع الاول کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ شٽر بند هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان 12 ربيع الاول کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.

لاهور ۾ ڌرڻي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي هن چيو ته عوام جي پئسن سان سرڪاري آفيسر وڏيون وڏيون گاڏيون هلائي رهيا آهن، جڏهن ته عوام مهانگائي ۽ معاشي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي.

حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت سان هاڻي ڳالهين جو اهو طريقو نه هلندو ته حڪومت ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ چوي ۽ مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائي.

هن چيو ته ڌرڻو ان وقت ختم ٿيندو، جڏهن حڪومت جماعت اسلامي جا مطالبا عملي طور تي تسليم ڪندي، جڏهن ته لاهور ۾ شيڊول موجب ڌرڻو جاري آهي.

هن جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن عورتن حڪومتي پاليسين خلاف بي اعتمادي جو اظهار ڪيو، جنگي حالتن ۾ به حڪمرانن عوام تي پيٽرول بم ڪيرايا آهن.

جماعت اسلامي جي امير الزام لڳائيندي چيو ته مافيا حڪومت سان گڏجي 7 لک 65 هزار ٽن کنڊ درآمد ڪئي، عوام جي وسيلن کي اشرافيه جي مفادن لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي.

You might also like