ڀارتي سياسي پارٽي ڪانگريس پاران باچا خان کي ڀيٽا پيش

نئي دهلي( م ڊ) ڀارتي سياسي پارٽي ”ڪانگريس“ پشتون اڳواڻ عبدالغفار خان عرف باچا خان جي ورسي تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي آهي. عوامي ۾ سرحدي گانڌي جي نالي سان مقبول خان عبدالغفار خان 6 فيبروري 1890ع تي هندستان جي اتر اولهه سرحد تي پنجاب جي هشت نگر ۾ پيدا ٿيو، جيڪو هاڻ پاڪستان ۾ آهي. مهاتما گانڌي وانگر عبدالغفار خان به تشدد جي خلاف هو ۽ سندس مزاج ۾ روحانيت جو عنصر موجود هو، ان ڪري ماڻهن کيس سرحد گانڌي جو لقب ڏنو. ڪانگريس طرفان سندس ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ويو ته ”اسان آزادي جي جنگجو، ڀارت رتن ايوارڊ حاصل ڪندڙ عبدالغفار خان کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا“. ”سرحدي گانڌي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، هو هندو-مسلم اتحاد جو تاحيات حامي هو ۽ سندس غيرمعمولي روح امن ۽ سيڪيولرزم جي ياد ڏياريندڙ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.