ملڪ پراڻن سياستدانن حوالي نٿا ڪري سگهون،پي ٽي آءِ ڪارڪن ساٿ ڏين:بلاول

لاهور (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ 17 وزارتون ۽ اشرافيا کي ڏني ويندڙ سبسڊي بند ڪري ٿيندڙ بچت عوام تي خرچ ڪنداسين.لاهور ۾ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيٺ ڪيستائين پنجاب تي ڪڏهن شوباز ته ڪڏهن وسيم اڪرم پلس کي وڙهي لاهور کي سزا ڏني ويندي؟اسان پاڪستان  کي انهن نالائقن جي حوالي نٿا ڪري سگهون پ پ کي لاهور ۾ گهٽ انگ جو مهڻو ڏيندڙ وساري ويٺا ته لاهور ۾ ڪارڪنن ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت تي آپگهات ڪيا، بي بي پاڪستان آئي ته لاهور شاندار آجيان ڪئي ۽ کيس وزيراعظم بڻايو.هن چيو ته 10 نڪاتي ايجنڊا تي عمل ڪنداسين، مون کي وزيراعظم بڻايو ته 5 سالن ۾ توهان جي پگهار ٻيڻي ڪري ڇڏيندس، سولر پئنل ذريعي 300 يونٽن تائين بجلي مفت ڏينداسين، عورتن ۽ هارين کي ڪارڊ فراهم ڪنداسين.سندس چوڻ هو ته ن ليگ ڀرپور طاقت ۽ دهشت سان تحريڪ انصاف ڪارڪنن کان انتقام وٺي رهي آهي، اسان سدائين انتقامي سياست جي مخالفت ۽ سياسي قيدين جي آزادي جي ڳالهه ڪئي آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ جا نوجوان چونڊن ۾ ضرور ووٽ وجهن، توهان جيان پ پ به ن ليگ جا ظلم برداشت ڪيا، نوجوان منهنجو پيغام گهر گهر پهچائين، لاهور ۾ ته ڪو نظر نه پيو اچي، ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هڻندڙ گم آهن،هن چيو ته مان لاهور جي سرزمين تي بيهي سڀني کي پيغام ڏيان ٿو ته حالتون مشڪل ضرور آهن، مهانگائي وڌي رهي آهي، معاشي بحران آهي، سياسي ۽ جمهوري بحران آهي پر عوام مايوس نه ٿئي، هن چيو ته جيڪي نفرت جي سياست ڪري رهيا آهن ان سان ملڪ ورهائجي رهيو آهي، پ پ نفرت ۽ ورڇ جي سياست کي دفن ڪري ڇڏيندي، ملڪ کي سياسي بحران مان ڪڍنداسين، دهشتگرد ٻيهر ڪُر کڻي رهيا آهن،جيڪي دهشتگرد ملڪ ۾ ڪنڌ کڻي رهيا آهن انهن جو ڪنڌ مان پاڻ ڪٽيندس، هن نوازشريف جو نالو وٺڻ کان بغير چيو ته ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جي نعري خاطر توهان ظلم ڪيو، ووٽ کي عزت ڏيو وارا پنهنجو نظريو تبديل ڪري سگهن پر اسان پنهنجو نظريو نٿا بدلايون، توهان اچو،توهان جي ووٽ کي اسان عزت ڏينداسين، هن چيو ته اسان ظلم ۽ انتقام جي سياست تي يقين نٿا رکون،پي ٽي آءِ ڪارڪن منهنجو ساٿ ڏين، سياسي مخالفن جي ڀينرن ۽ نياڻين کي جيل حوالي ڪرڻ سياست ناهي،اقتدار ۾ اچي ٽرٿ اينڊ ري ڪنسلي ايشن ڪميشن بڻائي زخمن تي مرهم رکنداسين ،هن چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته پاڪستان کي 2024ع ۾ به پراڻي سياست جي ڪري نقصان پهچي، اهو نٿو ٿي سگهي ته 2024ع ۾ به 90ع جي ڏهاڪي ،ضيا يا مشرف دوري جي سياست ڪريون، منهنجي اسٽيج تي جيالا ۽ طاهر القادري جا نمائندا به موجود آهن، هن چيو ته اعتزاز احسن سان ڪڏهن سوچ ۾ اختلاف ٿي سگهي ٿو پر سڀني کي گڏ کڻي هلڻو آهي،اڳوڻي گورنر پنجاب چوڌري سرور چيو ته اسان سڀني جو مشن بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ آهي،پ پ چيئرمين لاهور مان ضرور کٽيندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.