زنده دلان لاهور جا ٿورائتا آهيون: آصفه ڀٽو زرداري

لاهور(م ڊ) شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته لاهورين ثابت ڪري ڇڏيو ته اهي شهيد بينظير ڀٽو جي پٽ سان گڏ آهن، ن ليگ جي وزيراعظم جي اميدوار ۾ همت آهي ته بلاول سان مناظرو ڪري، پ پ چيئرمين جي جلسي ۾ مثالي شرڪت تي زنده دلان لاهور جو شڪريو، لاهور مان جاري هڪ بيان ۾ هن چيو ته لاهورين ثابت ڪري ڇڏيو ته اهي جمهوريت جا چاهيندڙ آهن، اهي سياست ۾ نئين سوچ پسند ڪن ٿا، هن چيو ته لاهور وارن چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جا خواب ڏسندڙن کي رد ڪري ڇڏيو، دنيا ڏسي وٺي ته لاهور شهيد بينظير ڀٽو جي پٽ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ بيٺو آهي،هن چيو ته نواز ليگ لاهور وارن جو اهڙو پاور شو نٿي ڪري سگهي جيئن اڄ پ پ ڪيو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.