پاڪ، ايران ڇڪتاڻ، ڊالر سستو، سون وڌيڪ مهانگو

ڪراچي (م ڊ) پاڪ_ايران ڇڪتاڻ باوجود رپئي جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي،  اسٽيٽ بئنڪ موجب، انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 8 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 279.90 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1 هزار 300 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 15 هزار رپيا ٿي وئي آهي، هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 13 ڊالر واڌ سان 2025 ڊالر في اونس آهي، ياد رهي ته ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 12 پئسا لاٿ بعد 279.98 پئسن تي بند ٿيو هو.

پاڪ-ايران ڇڪتاڻ باوجود چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد ( م ڊ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پاڪ – ايران ڇڪتاڻ سان اليڪشن يا  اليڪشن جو شيڊول متاثر نه ٿيندو، سرحدن تي ڇڪتاڻ باوجود اسان جو سمورو ڌيان 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ تي آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي شيڊول موجب ۽ اعلانيل تاريخ تي ئي چونڊون ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي. ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تياري ۾ مصروف آهي، اهڙي ڪا به تجويز يا آپشن غور هيٺ ناهي ته ڇڪتاڻ سبب اليڪشن جي تاريخ  تي نظرثاني ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.