اليڪشن ٽربيونل فهميده مرزا جا فارم بحال ڪري ڇڏيا

ڪراچي (رپورٽر) اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس راشد حسين اڳوڻي وفاقي وزير فهميده مرزا جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، اليڪشن ٽربيونل قومي اسمبيلي جي مخصوص  سيٽ تي فهميده مرزا جا نامزدگي ڪاغذ بحال ڪري ڇڏيا، اليڪشن ڪميشن عورتن جي مخصوص سيٽ تي فهميده مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا هئا، فهميده مرزا جي ڊي اي طرفان قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽ تي اميدوار آهي، گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ فهميده مرزا ۽ ذوالفقار مرزا جا ڪاغذ بحال ڪري ڇڏيا هئا.

سنڌ فوڊ اٿارٽي ٽيم جو روهڙي ۾ فوڊ ٽيسٽنگ ليب جو دورو

ڪراچي (رپورٽر) ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين جي هدايت تي ڊائريڪٽر فنانس مسعود ڀٽو ۽ ڊاڪٽر شڪور احمد جي سربراهي ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم روهڙي ۾ سنڌ جي صحت کاتي جي فوڊ ٽيسٽنگ ليب جو دورو ڪيو.  ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين چيو ته ليب کي ڪجهه ضروري سامان فراهم ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ جي صحت کاتي سان هڪ ياداشت تي صحيح ڪرڻ بعد ڄاڻايل ليب کي سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ سنڌ فوڊ اٿارٽي بين الاقوامي جي حوالي ڪيو ويندو.

۽ سنڌ  فوڊ اٿارٽي بين الاقوامي ڊونر ايجنسين جي تعاون سان ليب کي اپ گريڊ ڪيو ويندو جنهن جو مقصد سنڌ جي عوام کي صحتمند خوراڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي، ان کان علاوه ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين جي هدايت تي سنڌ فوڊ اٿارٽي جي هڪ ٽيم پي آئي اي هوٽل ڪچن جو دورو ڪيو ۽ ان کي ايس او پيز جي مطابق صاف سٿرو ڏٺو. ڊائريڪٽر جنرل آغا فخر حسين خوراڪ جي ڪاروبار سان لاڳاپيل ماڻهن کي چيو آهي ته هو سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ضابطن تي عمل ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.