رٽرننگ آفيسرن ڪيترن سياستدانن جا اثاثن ۽ رهتن جا فارم فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (م ڊ) رٽرننگ آفيسرن ڪيترن سياستدانن جا فارم، اثاثا ۽ رهتن جا فارم فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، عام چونڊن کان اڳ ڪجهه رٽرننگ آفيسرن اهڙن دستاويزن کي ظاهر ڪرڻ جي درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ مشهور سياستدانن جي اثاثن ۽ رهتن جا تفصيل موجود آهن، جيڪي چونڊ قانونن  جي ڀڃڪڙي آهي، نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب مريم نواز جي اين اي 119 لاهور، شهباز شريف جي اين اي 123 لاهور، فضل الرحمان جي اين اي 44 ڊيره اسماعيل خان، شاهه زين بگٽي جي اين اي 253 ڊيره بگٽي ۽ اين اي 207 نوابشاهه جي لاءِ آصف علي زرداري جي نامزدگي فارمن جون ڪاپيون حاصل ڪرڻ لاءِ درخواستون موڪليون ويون ۽ ڪوششون به ڪيون ويون، فارم بي اميدوار، شريڪ حيات ۽ زير ڪفالت ٻارن جي اثاثن ۽ رهتن متعلق آهي. اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 138 فارم بي جي اشاعت جو مطالبو ڪري ٿو، رپورٽ موجب صحافين جون ٽيمون رٽرننگ آفيسرن وٽ فارم بي جي لاءِ ويون پر ان بابت معلومات نه ڏني وئي، صحافين جي ٽيم کي رٽرننگ آفيسرن چيو ته ان ۾ سياسي اڳواڻن جي حساس ۽ ذاتي معلومات آهي، اهي دستاويز فراهم نٿا ڪري سگهجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.