ميزائل حملو: پاڪستان پاران ايران مان پنهنجو سفير واپس،ايراني سفير ملڪ بدر

اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان ايران مان پنهنجو سفير گهرائڻ ۽ ايراني سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته بلوچستان تي ايراني حملي تي پاڪستان اسلام آباد ۾ ايراني سفير کي واپس وڃڻ جو چيو آهي.هن چيو ته ايران طرفان پاڪستان جي خود مختياري جي ڀڃڪڙي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، ايران  جو اهو قدم يو اين چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي ڀڃڪڙي آهي، اهو غير قانوني عمل مڪمل طور تي قبولڻ جوڳو ناهي.سندس چوڻ هو ته ايران جي ان قدم جو ڪو جواز ناهي، پاڪستان اهڙن غير قانوني قدمن جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو، نتيجن جي ذميواري مڪمل طور ايران تي لاڳو هوندي، اسان اهو پيغام ايراني حڪومت تائين پهچائي ڇڏيو آهي،ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ايران مان پنهنجو سفير واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايراني حڪومت کي پاڪستاني سفير واپس گهرائڻ کان آگاهه ڪيو آهي، پاڪستان لاءِ ايراني سفير جيڪو هن وقت تهران ۾ موجود آهي، ان کي ايران مان في الحال واپس اچڻ جو چيو آهي،پرڏيهي ترجمان چيو ته ايران سان سمورن اعليٰ سطحي دورن کي به معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ جاري يا طئي ٿيل دورا به معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،ان کان اڳ پرڏيهي کاتي ايران طرفان پاڪستان جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي سخت مذمت ڪندي ايراني ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪري ورتو.پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي خود مختياري جي اها ڀڃڪڙي مڪمل طور تي قبولڻ جوڳي ناهي ۽ ان جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا، نتيجن جي ذميواري مڪمل طور ايران تي لاڳو ٿئي ٿي.پرڏيهي کاتي موجب پاڪستان سدائين چيو آهي ته دهشتگردي خطي جي سڀني ملڪن لاءِ گڏيل خطرو آهي، جنهن لاءِ گڏيل ڪارروائي جي ضرورت آهي، اهڙيون هڪ طرفيون ڪارروائيون سٺن لاڳاپن موجب ناهن ۽ اهي ٻه طرفي اعتماد کي سخت نقصان پهچائي سگهن ٿيون. بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان ايران طرفان پنهنجي فضائي حدن جي بنا سبب ڀڃڪڙي ۽ پاڪستاني حدن ۾ حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو. پرڏيهي کاتي چيو ته ايراني حملي جي نتيجي ۾ ٻه معصوم ٻار مارجي ويا ۽ 3 ٻارڙيون زخمي ٿيون، اها ڳالهه به ڳڻتي جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ رابطي جي ڪيترن ئي چئلينجن باوجود اهو غير قانوني عمل ٿيو.پرڏيهي کاتي موجب پاڪستان طرفان تهران سان اڳ ئي ايراني پرڏيهي وزرات ۾ لاڳاپيل سينيئر عهديدار وٽ سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو آهي.ان کانسواءِ ايراني ناظم الامور کي به پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو آهي ته جيئن پاڪستان جي خود مختياري جي ڀڃڪڙي جي مذمت ڪئي وڃي.واضح رهي ته ايراني سيڪيورٽي فورسز طرفان پاڪستان جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندي بلوچستان ۾ ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا هئا.ايراني سرڪاري ٽي وي جي خبر ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته ايراني سيڪيورٽي فورسز طرفان پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ جيش العدل نالي تنظيم جي ٻن ٺڪاڻن تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.