شهيد فاضل راهو کي 37 هين ورسي تي ڀيٽا پيش

گولاڙچي/بدين(عيدن زيندپور+رازق ڏنو کوسو)شهيد عوام محمد فاضل راهو جي 37 هين ورسي سندس جنم ڀومي راهوڪي ۾ وڏي ڌام ڌوم  سان ملهائي وئي ورسي تقريب ۾ شهيد عوام محمد فاضل راهو جي فرزند اڳوڻو صوبائي وزير اسماعيل راهو شهيد فاضل راهو يادگار ڪميٽي جي ڪنوينر اسلم راهو ،  پ پ جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري ، مراد علي شاھ  نويد قمر ۽ ٻين گڏجي شهيد فاضل راهو جي مزار تي تي گلن جي چاڌر چاڙھي دعا ڪرڻ بعد جلسي گاھ ۾ پهچي ڪري عوامي ماڻهن جي ڀرپور استقبال جا هٿ لوڏي جواب ڏنا ان موقعي تي هنن عوامي ميڙ سان خطاب ڪندي چيو ته آئون اڄ ٻيو دفعو هتي آيو آهيان شهيد فاضل راهو جي ورسي تي ۽ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ هتي پهتو آهيان اسماعيل راهو پاران آيل مهمانن کي آجياڻي جي تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسين شهيد فاضل راهو، شهيد راڻي جي جدوجهد تي اعتبار ڪريون ٿا ملڪ جو نئون وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو اسماعيل راهو چيو ته شهيد فاضل راهو هڪ ڪردار آهي جنهن هميشه اٻوجهه مظلوم ماڻهن  ۽ هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي.جڏهن ته  پنجن سالن کان شھيد جي ورسي ۾ سندس ذڪر گھٽ ٿيڻ لڳو، پوري راھوڪي پيپلز پارٽي جي جھنڊن سان سينگارجي ويو، پنڊال ۾ ايندڙ ھڪ ٻئي کان پڇندا رھيا ته شھيد فاضل جا جھنڊا گھٽ رڳو سياسي پارٽي جا جھنڊا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.