حيدرآباد ۾ هٿياربند جي ڪار تي فائرنگ، پيٽرول پمپ جو مالڪ قتل

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ موٽرسائيڪل تي سوار اڻڄاتل هٿياربند جي ڪار تي فائرنگ, ڪار سوار مارجي ويو. ڦليلي ٿاڻي جي حد لوهار مارڪيٽ ميمڻ اسپتال ويجهو موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني, جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار هڪ ڄڻو موقعي تي ئي مارجي ويو, مارجي ويل جي سڃاڻپ راحيل ميمڻ جي نالي سان ٿي، مقتول آفندي ٽائون واري علائقي جو رهواسي ۽ ڦليلي واهه جي ڪپ تي واقعي پيٽرول پمپ جو مالڪ هو، ٻڌايو پيو وڃي ته پيٽرول پمپ جي ديوار ڊهي پوڻ سبب هڪ ماڻهو فوت ٿي ويو هو جنهن کانپوءِ متاثر ڌر ۽ پيٽرول پمپ مالڪ راحيل ميمڻ وچ ۾ تڪرار هلندڙ هو، ان ئي تڪرار جي حوالي سان هلندڙ ڪيس جي ڪالهه عدالت ۾ ٻڌڻي هئي ۽ ٻڌڻي کانپوءِ پيٽرول پمپ مالڪ ۽ سامهون واري ڌر جا ماڻهو واپس وڃي رهيا هئا ته ميمڻ اسپتال وٽ پيٽرول پمپ مالڪ راحيل ميمڻ جي ڪار تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو ۽ راحيل ميمڻ موقعي تي گوليون لڳڻ ڪري مارجي ويو, پوليس جو چوڻ آهي ته پيٽرول پمپ مالڪ راحيل ميمڻ ۽ راشد ملاح وچ ۾ تڪرار هلندڙ هو، ڪالهه راشد ملاح ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدار راحيل ميمڻ جي ڪار تي فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا، پوليس موجب واقعي بابت سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، مارجي ويل راحيل ميمڻ جو لاش سول اسپتال آندو ويو جتان پوسٽ مارٽم بعد پوليس لاش وارثن حوالي ڪيو. هوڏانهن ڪار تي فائرنگ واري واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون آيا آهن جنهن ۾ ڏٺو پيو وڃي ته ڪار جي پويان ايندڙ موٽرسائيڪل سوار هڪ جوابدار پسٽل سان فائرنگ ڪري رهيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول عدالت ۾ پيشي کانپوءِ پيٽرول پمپ تي آيو, جتان هن رقم کنئي ۽ پوءِ واپس وڃي رهيو هو ته موٽرسائيڪل سوار سندس پيڇو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.