ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز کي گلوبل فنڊ پاران اٽڪل 36 ڪروڙ رپين جي 1.8 ملين مڇر دانيون فراهم ڪيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ صوبائي ايم اينڊ اي ڪوآرڊينيٽر عبدالحميد خاصخيلي، صوبائي پراجيڪٽ مئنيجر وي بي ڊي ڊاڪٽر غلام سرور سومرو پڻ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ايڊيشنل ڊائريڪٽر وي بي ڊي ڊاڪٽر طارق رشيد سومرو، ميئر سنڌ پروگرام مئنيجر آدم ملڪ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. نگران صحت واري وزير سجاول، ٺٽو، ٽنڊي محمد خان ۽ عمرڪوٽ جي رجسٽرڊ خاندانن ۾ مڇر دانيون ورهائيون . سعد خالد نياز چيو ته هن جي مشاهدي مطابق مڇر دانين جي ورهاست جو نظام شفاف ۽ ڊجيٽل آهي، انهن مڇر دانين کي ٽن سالن تائين استعمال ڪري سگهجي ٿو هن چيو ته سجاول ضلعي ۾ لڳ ڀڳ 4 لک، ٺٽي ۾ ساڍا 5 لک مڇر دانيون ورهايون وينديون، ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ 3 لک 21 هزار ۽ عمرڪوٽ ضلعي ۾ 5 لک 67 هزار کان وڌيڪ مڇر دانيون ورهايون وينديون ۽ مڇر دانين جي ورڇ شفاف ۽ مستحق ماڻهن کي ٿيڻ گهرجي ياد رهي ته ضلعن جي چونڊ صحت کاتي ۽ گلوبل فنڊ جي سربراهه جي سروي موجب ڪئي وئي آهي.