پ پ پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان کسڻ جي حمايت ناهي ڪئي: شرجيل ميمڻ

لاهور(پ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پيپلز پارٽي چونڊن جي مهم جو ڀرپور انداز ۾ شروع ڪري ڇڏي آهي، ڪريل حربا برداشت نه ڪيا ويندا، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام  ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو جي 10 نقاطي ايجنڊا تي عمل ڪرڻ سان ملڪ ترقي ڪندو.اسان جا پنجاب جا ڀائر ۽ ڀينرون علاج لاءِ سنڌ اچي رهيا آهن، هن چيو ته ن ليگ 15 سال پنجاب ۾ حڪومت ۾ رھي پر هڪ به اسپتال پنجاب ۾ ٺاهي نه سگهي، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ صحت واري شعبي ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪيون آهن، ن ليگ اسان جي ڪمن تي پنھنجون تختيون لڳائي رھي آھي،اليڪشن ڪميشن جو رويو سڀني پارٽين سان رويو هڪجھڙو ھجڻ گهرجي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان  کسڻ جي حمايت ناهي ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته هن ڀيري لڳي ٿو ته عوام ن ليگ کان نفرت ڪري رهيو آهي، اهي اهڙا ڪارناما ڳڻائي رهيا آهن، جيڪي انھن ڪيا ئي ناهن، ڇا پنجاب کي اهو حق نه هو ته هو ھتان جي ماڻھن کي صحت جي سھولت ملي؟ ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي اڪثريت ۾ هوندي، جيڪڏهن ن ليگ اتحادي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست ڪندي ته ان تي غور ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.