ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) اليڪشن ويجهو ايندي اميدوارن طرفان ورڪ شروع ڪئي وئي آهي، مختلف شهرن ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ورڪ دوران سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ميهڙ، ڪي اين شاهه، چيلهار ۽ ٻين شهرن ۾ ڳوٺاڻن ۽ ووٽرز طرفان اميدوارن کان سخت پڇاڻو ڪيو ويو، ميهڙ جي هڪ ڳوٺ ۾ ته پ پ اڳواڻن کي اچڻ ئي نه ڏنو ويو، ميھڙ ڪي اين شاهه جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 227 تي پ پ پ جي نامزد اميدوار ۽ اڳوڻو ايم اين اي عرفان ظفر لغاري ۽ پي ايس 80 جي اميدوار عبدالعزيز جوڻيجو جي ڀائٽيي زبير جوڻيجو ميھڙ ڀرسان ڳوٺ فيض محمد چانڊيو پھتا ته کيس سخت پڇاڻي سان منھن ڏيڻو پئجي ويو علائقي واسين توڙي تڪ جي ووٽرن اشرف چانڊيو ، اڪبر ۽ ٻين ترقياتي ڪم نه ڪرڻ ۽ 15 سال اقتداري دور ۾ ڪا به بنيادي سھولت نه ڏيڻ جون شڪايتون ڪندي کيس چيو ته اسان جي روڊ ، رستو توھان جي حڪومت کان اڳ اوھان جي مخالفن ڏنا هئا، 15 سالن ۾ اوهان ڪو به ڪم ناهي ڪيو، پ پ پ اميدوار ڳوٺاڻن پاران پڇاڻي جي ويڊيو رڪارڊنگ بند ڪرائيندي کين ووٽ لاءِ منٿون ڪيون واضح رھي ته ميھڙ ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي توڙي ترقياتي ڪم نه ڪرڻ سبب اميدوارن کان ورڪ شروع ٿيڻ سان ئي ووٽرن پاران سخت پڇاڻو ڪيو پيو وڃي، ٻئي پاسي چيلهار جي قومي تڪ اين اي 215 تي پ پ اميدوار ڊاڪٽر مهيش ملاڻي کان به ووٽرز جا سخت سوال جواب ڪيا ويا، اميدوار بس چپ رهيو، ڪي به جواب نه ڏنا.