حيدرآباد ۾ اسان جا جهنڊا لٿا ته ڪنهن جو جهنڊو نظر نه ايندو: محمد حسين

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي کي ڇڏي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪندڙ اڳوڻو صوبائي وزير ڊاڪٽر عرفان گل مگسي ايم   ڪيو ايم مرڪز پهتو, ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن گلن جي ورکا ڪندي سندس آجيان ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر عرفان گل مگسي جي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن محمد حسين, اويس قريشي سان گڏ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ محمد حسين چيو ته شهر مان اسان جا جهنڊا هيٺ لهندا ته ڪنهن جو جهنڊو نظر نه ايندو، لاڙڪاڻي ۽ دادو جي پوليس اهلڪارن کي ڌانڌلي جي لاءِ حيدرآباد آندو ويو آهي, حيدرآباد کي هني مون لاءِ دبئي سمجهندڙن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جيڪڏهن عوام کي اجازت ڏينداسين ته ڪير به مهم هلائي نه سگهندو, پيپلز پارٽي کي چوان ٿو ته پنهنجي پالتن کي لغام ڏين, آصف زرداري شگر ملون ته لڳائي ڇڏيون آهن، پر هاڻ ماکي جا ڪارخانا به لڳائي ڇڏيا آهن, سليم باجاري اڄ به پوليس اهلڪارن کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. نيب، ايف آئي اي ۽ رياستي ادارا ڪٿي آهن هر يوسي کي 5 لک رپيا ماهوار ملندا آهن, پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ هولڊرن ۾ 40، 40 يوسيز ورهايون ويون آهن ۽ اتان کين ڪميشن ملي ٿي, پيپلز پارٽي هر مهيني 4 ڪروڙ 80 لک وٺي رهي آهي، هي شورا ڳوٺ جو پيسو نه پر منهنجي شهر جو پيسو آهي. ڊاڪٽر عرفان گل مگسي چيو ته حيدرآباد ۾ بيٺل اڌ کان وڌيڪ اميدوارن جي ايڊريس حيدرآباد جي ناهي, حيدرآباد جي وسيلن موجب مسئلن کي حل ڪيو وڃي,.  پ پ حڪومت جي 15 سالن کانپوءِ به روڊ رستا اڳ وانگر تباهه ٿي ويا آهن, جعلي چونڊون ڪرائي حيدرآباد جو ميئر چونڊيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.