ڪراچي( رپورٽر ) اينٽي وائلنٽ اينڊ ڪرائم سيل ڪاروائي ڪندي سي ٽي ڊي جا 2 اھلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو. اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدارن سادن ڪپڙن ۾ سافٽ ويئر ھائوس تي غير قانوني ڇاپو لڳايو، اختيارن جو چوڻ آهي ته ڇاپي جي دوران سي ٽي ڊي جي موبائل به موجود ھئي، محمود آباد مان شھري کي اغوا ، 2 لک 20 ھزار رپيا اي ٽي ايم مان ڪڍرايا ويا. جوابدارن متاثر شھري کان وڌيڪ 10 لک رپين جو مطالبو ڪيو ھو اي وي سي سي عملدارن جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي اھلڪار وڌيڪ 10 لک رپيا وصول ڪرڻ آيا ھئا ته اي وي سي سي پڪڙي ورتو. جوابدارن جي خلاف ياسر جاويد نالي شھري اغوا خاطر ڀنگ جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ھئي. اي وي سي سي اختيارن جو چوڻ آهي ته جوابدارن سان گڏ وڌيڪ 6 ماڻھو ٻيا به واردات ۾ شامل آهن ٻين ماڻهن جي گرفتاري جي لاءِ ڇاپا لڳايا پيا وڄن. ٻنھي اھلڪارن فھيم ۽ محمد احمد کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو، اختيارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته 15 جنوري تي 8 سي ٽي ڊي اھلڪارن کي برطرف ڪيو ويو ھو برطرف تمام اھلڪار اغوا جي وارداتن ۾ ملوث ھئا.