نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي، هارائڻ بعد لنڊن ڀڄي ويندو: عمران خان

راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته 8 فيبروري تي جيڪو ماحول هوندو اهو منظر ڪجهه ٻيو ئي هوندو، نواز شريف جو نالو اليڪشن تائين اي سي ايل ۾ وڌو وڃي، هارائجي ويو ته ٻيهر لنڊن ڀڄي ويندو، اڊيالا جيل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته قرآن پاڪ ۾ آهي ته جيڪو معاشرو امر بالمعروف و نهي عن المنڪر تي نٿو هلي اهو تباهه ٿي وڃي ٿو، قرآن ۾ اهو به آهي ته منافق برائي سان گڏ هوندو آهي ۽ چڱائي خلاف ويندو آهي، انصاف کانسواءِ معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، عمران خان چيو ته ماڻهن کي کنڀي سافٽ ويئر اپديٽ ڪيو پيو وڃي، هي سافٽ ويئر اپڊيٽ جا اسپيشلسٽ بڻجي ويا آهن، ويگو وارو کڻي هليو وڃي ٿو، بعد ۾ خبر پوي ٿي ته ان شخص جو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ٿي ويو، پي ٽي آءِ جي سموري قيادت کي ختم ڪري ڇڏيو، چونڊ نشان به کسيو ويو، پي ٽي آءِ جي اميدوارن کي خراب نشان ڏنا ويا آهن، ماڻهن کي کنڀي 9 مئي ۾ وڌو پيو وڃي، مريم جي فليٽس بابت ڇو نٿو پڇيو وڃي، نواز شريف مريم نواز ۽ زرداري توشه خانه مان گاڏيون ورتيون، انهن کان پڇا ڇو نٿي ٿئي، اسان جا ماڻهو چونڊ مهم لاءِ نڪرن ٿا ته ايف آءِ آر ڪٽجي وڃي ٿي، سمورو ڌيان پي ٽي آءِ کي ختم ڪرڻ ۾ لڳايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.