شينهن عوام جو رت چوسيندو آهي، ملڪ کي نوجوان قيادت جي ضرورت آهي:بلاول

بدين/گولاڙچي/سانگهڙ/شهدادپور(نمائندا) راهوڪي ۾ شهيد محمد فاضل راهو جي 37 هين ورسي شھيد فاصل راھو جي ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجي اچڻ جو مقصد ته اوهان جي حڪومت ٺهي سگهي بک بيروزگاري ختم ڪري سگهجي پي پي واحد جماعت  آهي جيڪا مهم هلائي رهي آهي هن چيو ته  اسان عوام جي خدمت ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ تاريخ گواھ آهي ته جڏهن به هي  وزير اعظم ٿيو آهي ته ملڪ ۽ سنڌ جو نقصان ڪيو آهي شينهن عوام جو رت چوسي ٿو مقابلو شينهن ۽ تير جو آهي ٻه پارٽيون پاڻ ۾ مقابلو ڪري رهيون آهن اسان جماعتن کي دعوت ڏيون ٿا اچو گڏجي هن جو مقابلو ڪريونهن چيو ته جيڪڏهن مون کي وزير اعظم بڻايو ويو ته 10نقاطي پروگرام تي عمل ڪرائيندس 300 يونٽ مفت بجلي سولر ذريعي پهچائيندس پي پي روٽي اور  مڪان جو اعلان تي پورو هلنداسين ۽ ملڪ ۾  30لک پڪا گهر ڏينداسين جيڪي  غريبن کي ڏنا ويندا  بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ اضافو ڪنداسين بينظير مزدور ڪارڊ ڏنو ويندو،  اوهان هارين کي ٻڌايو ته بلاول ڀٽو زرداري اڳتي بينظير ھاري ڪارڊ ڏيندو هن چيو ته مخالفن وٽ ڪوبه منشور ناهي هو پراڻي سياست چمڪائڻ ۽ سياسي انتقام ڪرڻ جو يقين رکندڙ آهن بدين ضلعي ۾ شهيد محمد فاضل راهو  جي نالي سان  ھڪ ادارو  ڏينداسين ته جيئن نوجوان تعليم حاصل ڪري سگهن انشا الله بدين ۾ به اين آئي سي وي ڊي ڏني ويندي، ان موقعي تي اڳوڻي وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ذوالفقار علي پٽي بدين ضلعي مان اليڪشن وڙهي 1974 ۾ بدين ضلعو پ پ جو ڳڙھ آهي حاجي رسول بخش چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته اسان وزيراعظم پ پ جي جي چيئرمين بلاول ڀٽي کي ڏسڻ چاهيون ٿا هتي بدين جي مخالفين جا فارم ئي بحال نه ٿي رهيا آهن جنهن پ پ سان دوکي بازي ڪئي آهي انهن جو انجام اهيو ئي آهي جلسي کي سينٽر ڊاڪٽر خالده منڌرو نويد قمر  علي جان راهو ۽ ٻين خطاب ڪيو جڏهن ته مهمان خاص ۾ تنزيلا قمبراڻي، ياسمين شاھ  سيٺ تاج محمد ٽالپر محمد علي ملڪاڻي سميت بدين ضلعي جا سمورا بيٺل اميدوار هئا هوڏانهن سانگهڙ ۾ بلاول ڀٽو زرداري جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته  اليڪشن ته  8 فيبروري تي آ پر سانگهڙ جي عوام فيصلو اڄ ڏئي ڇڏيو.اليڪشن جو مقابلو شينهن۽ تير جي وچ ۾ آ پر ميدان ۾.صرف جيالا آهي مگر شينهن لڪل آهي ميدان تي ناهي بلاول ڀٽو غلطي سان چئي ويو ته  پنجاب ۾ مسلم ليگ جو نشان تير آھي مگر بعد ۾ اهو خود چئي ويٺو ته  هاڻ اهو سوشل ميڊيا تي هلندو.بلاول چيو ته  مونکي ڳري اڪثريت کپي سڄي ملڪ ۾ ته  جيئن اسان ڀرپور خدمت ڪري سگهون هن چيو ته  اوهان انهن کان پڇو جيڪي سياسي يتيم هن ملڪ مان ووٽن لا بيٺا آهن ته  اوهان جو منشور ڇا آهي نثار کهڙو چيو ته  سانگهڙ ۾ جيالن جو مقابلو آهي علي حسن هڱورجي چيو ته  اسان سڄو ضلعو ٻهارينداسين علائو الدين جوڻيجو چيو ته  مان واعدو ڪيان ٿو ته  مان اليڪشن کٽڻ کان پو 24 ڪلاڪ پنهنجي حلقي 210 ۾ رهندس،شازيه مري چيو ته هن ضلعي سانگهڙ ۾ جيڪو ذوالفقار ڀٽي جمهوريت جو ٻج هنيو اڄ اهو هڪ قداور وڻ ٿي بيٺو آ. اسان هن ضلعي ۾ انقلابي ڪم ڪرايا ۽ پنجاه سالا اونداھ کي روشني بخشي ۽ سڄي ضلعي ۾ روڊن جا ڄار وڇايا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.