ام رباب کي ڀيٽا پيش، سرداري نظام خلاف جدوجهد جاري رهندي: ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽ:شفقت نوناري) ام رباب جو سرداري نظام خلاف لکيل ڪتاب آذان انقلاب جي مهورتي تقريب ۾ اديبن، قانوندانن ،سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.تقريب کي خطاب ڪندي ام رباب چيو ته6  سال اڳ 17 جنوري تي ميهڙ ۾ قيامت برپا ڪري منهنجي والد، چاچي ۽ ڏاڏي جا لاش ڏنا ويا پر مون انهن قاتلن کي گولي جو جواب قلم سان ڏنو آهي هي ڪتاب جاگيرداري، سرداري ظلم خلاف آذان آهي هن ڪتاب لکڻ جو مقصد سنڌ جي ماڻهن کي سرداري ظلم خلاف شعور ڏيڻ آهي ته جيئن سنڌ اندر ٻي ڪا ام رباب يتيم نه ٿئي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسان کي مختلف نسلن، فرقن، عقيدن ۾ ورهائي جاگيرداري نظام کي مضبوط بڻايو ويو آهي جاگيرداري مائينڊ سيٽ ۾ صرف ڳوٺن ۾ نه پر شهرن ۾ به موجود آهي جيئن ڪجهه وقت اڳ هڪ نسل پرست تنظيم ڪراچي ۾ قائم ڪيو هو ڳوٺن جيان شهري  جاگيردار به عوام کي غلام بنائن ٿا سنڌ اندر خانداني هڪ هٽي قائم آهي جنهن ۾ سردار ۽ جاگيردار شامل آهن جن وٽ عوام غلام بڻيل آهي اڄ به لکين ٻار سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ زمين تي ويهي پڙهن ٿا جيڪو غلامي جو بدترين مثال آهي ڳوٺن ۾ زميندار پنهنجي هاري کي حق ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ هاري کي هروقت مقروض رکي ٿو آذان انقلاب اهڙي فرسوده نظام ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. پروفيسر سليم ميمڻ چيو ته ام رباب انصاف لاءِ جدوجهد ڪري تاريخ رقم ڪئي آهي 6 سالن دوران تمام وڏيون تڪليفون برداشت ڪيون آهن ۽ عدالتن جا دروازا کڙڪايا آهن پر ڪڏهن به مايوس نه ٿي آهي مائي جندو به ظلم خلاف وڙهي ان کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ام رباب مائي جندو جو تسلسل آهي. ٽرانسجنڊر اڳواڻ شهزادي راءِ چيو ته سرداري ۽ سرمائيداري نظام عوام دشمن آهي عورتون سماج کي تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. عارف رند چيو ته اسين اهڙي هنڌ رهون پيا جتي ظالم ڏينهن به ڏينهن طاقتور ٿيندو پيو وڃي ۽ مظلوم وڌيڪ ڪمزور ٿيندو پيو وڃي ادي ام رباب سڀني مظلومن جي جنگ پئي وڙهي ۽ هن بندوق بدران قلم هٿ ۾ کنيو آهي ۽ هوءَ سڀني لاءِ مشعل راهه آهي.ڊاڪٽر فرحان عيسي چيو ته سنڌ جي هر اداري ۾ جاگيرداري سسٽم لاڳو آهي جنهن سبب وڏيون مشڪلاتون نظر اچن پيون جنهن مان عوام پريشان آهي اهڙي اونداهي نظام ۾ ام رباب روشني جيان آهي.ايڊوڪيٽ شهاب اوستي چيو ته ام رباب جرئت جي علامت آهي سنڌ واحد خطو آهي جتي ظلم جو نظام اڃا تائين قائم آهي ڪو دور هو جڏهن ڪراچي ۾ ٻوري بند لاش ملندا هئا انهن قاتلن کي رياست جي مدد حاصل هئي ۽ ٻهراڙي سنڌ ۾ به رياست سردارن جي ظلم ۾ مددگار بڻيل آهي جنهن سبب هر طرف ظلم جو راڄ آهي جنهن خلاف اٿي بيهڻ جو وقت اچي ويو آهي اچو ته گڏجي غلامي وارو مقدر تبديل ڪريون نه ته دير ٿي ويندي. ايڊوڪيٽ صلاح الدين پنهور چيو ته اسان کي خطرو هجڻ باوجود ثابت قدم رهڻ وڏي ڳالهه آهي ام رباب جي جدوجهد سرداري نظام خلاف آهي هن جي ثابتي قدمي سماج ۾ جرئت پيدا ڪئي آهي مليل زندگي ۾ خوف خلاف بيهڻ وڃڻ ئي انقلاب جي شروعات هجي ٿي غلط سسٽم سان وڙهڻ دوران شعور پيدا ڪري سگهون ٿا .مومن ميمڻ چيو ته ام رباب وقت يزيد سان بيبي زينب عليه السلام جي سنت تي عمل ڪندي للڪاريو آهي ۽ آذان انقلاب ڪتاب شايع ڪيو جنهن تي کيس جس هجي، ڏوهاري ۽ نام نهاد ملا ئي اڪابر بڻيل آهن جن جي غلامي مان نڪرڻ جي ضرورت آهي ام رباب جو هي ڪتاب انقلاب جي پهرين چڻنگ آهي ماروي اعواڻ چيو ته جاگيرداري نظام ئي سموري عوام جو مسئلو آهي ام رباب پنهنجي ڪاوڙ کي طاقت ۽ جدوجهد ۾ تبديل ڪيو. دستگير ڀٽي چيو ته ام رباب سنڌ جي ماهه رنگ بلوچ آهي سنڌ کي اڏيندڙ هندو طبقو لڏائي سنڌ سردارن، جاگيردارن ۽ نسل پرستن حوالي ڪئي وئي . آمنه رياض ڪورائي ام رباب کي ڀيٽا طور نظم پڙهيو ايڊوڪيٽ صفدر چانڊيو، جسٽس ماجده رضوي، عامر نواز وڙائچ پڻ خطاب ڪيو ۽ منصور عباسي شاهه ڀٽائي جي وائي پيش ڪئي آخر ۾ آيل مهمانن کي شيلڊز ۽ اجرڪن جا تحفا پڻ ڏنا ويا.

  • ٽن ڀاتين جا جنازا کنيا آهن،انقلاب لاءِ جان به قربان ڪنديس: ام رباب

ڪراچي : عوامي آواز سان ڳالهائيندي  ام رباب  چيو ته سرداري نظام هڪ ناسور بڻيل آهي ۽ ان سرداري نظام لاءِ جيڪڏهن کيس جان جي  قرباني ڏيڻي پئي ته هوءَ نه ڪيٻائيندي ۽  مظلوم ام رباب کان باغي ام رباب جو سفر منهنجي لاءِ سولو نه هو، ٻڌڻ وارن لاءِ سولو آهي پر مون پنهنجي ٽن گهرڀاتين جا جنازا کنيا ۽ انقلاب اچڻ لاءِ جيڪڏهن مون کي پنهنجي جان ڏيڻي پوي ته ان لاءِ  تيار آهيان، منهنجي لاءِ اهو سودو مهانگو ناهي ته منهنجي رت سان انقلاب اچي ۽ سرداري نظام جو خاتمو ٿئي.هن چيو ته لکيل ڪتاب ذريعي مون هڪ مهم ۽ تحريڪ هلائي آهي ته هن تحريڪ ۾ مظلوم طبقو شامل ٿئي ۽ گڏجي جاگيرداري  ۽ سرداري نظام خلاف بيهون. چاهيان ٿي ته هر نوجوان هي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ  تبصرو ڪن.سندس چوڻ هو ته طاقتور طبقي سان مهاڏو اٽڪائڻ اوهان کي به طاقت کپي ۽ سياست کان پري رهڻ اسان لاءِ ڀوائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، جڏهن سياست ۾ اچڻ جو فيصلو وٺڻ جي ضرورت پئي ته اهو فيصلو به ورتو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته مون کي عدليه تي يقين آهي، 6 سالن ۾ انصاف ناهي مليو پر پوءِ به نا اميد ناهيون ٿيا.هن وڌيڪ چيو ته سڀني مسئلن جو حل سياسي جدوجهد ۾ آهي ۽ وقت اچڻ تي ضرور سياست  ۾ اچڻ جو فيصلو ڪندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.