لاهور (عوامي آواز نيوز) ملڪ ۾عام چونڊون هر صورت ۾ 8 فيبروري تي ٿينديون، نامياري صحافي منصور علي خان راولپنڊي ۾ اسٽيبلشمينٽ جي هڪ اهم شخصيت سان ملاقات دوران سوالن جوابن تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي چيو ته هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ويو ته ملڪي سياست ۾ عمران خان نظر نٿو اچي نه صرف موجوده چونڊن ۾ پر مستقبل ۾ به سياست ۾ عمران خان نظر نٿو اچي. اوهان کان اڳ اوهان واري ڪرسي تي ويٺل به نواز شريف لاءِ چوندو هو ته ان جو ڪو به سياسي مستقبل نه آهي. ان سوال جي جواب ۾ چيو ويو ته ماضيءَ ۾ ڪجهه شخصيتن ذاتي ترقيءَ لاءِ ايئن ڪيو. ماضيءَ ۾ اداري کان گهڻيون غلطيون ٿيون هاڻي انهن کي ٺيڪ ڪيو پيو وڃي. ادارو سمجهي ٿو ته جمهوريت سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. چونڊون ان طرف پهريون قدم آهي. هڪ سوال جي جواب ۾چيو ويو ته 9 مئي جهڙن واقعن جو 76 سالن جي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. ان کي ادارو ڪڏهن به وساري نٿو سگهي، هن وقت چونڊن جو ماحول آهي ۽ سياسي پارو چڙهيل آهي، چونڊن کانپوءِ 9 مئي واقعن ۾ملوث جوابدارن کي قانون موجب سزائون ملنديون، مشرف جي سزا بحال رکڻ واري فيصلي تي ادارو خوش نه آهي، وقت اچڻ تي رد عمل ڏنو ويندو. هن وقت چونڊن جو ماحول آهي ان ڪري صبر ڪيو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ هر اداري ۽ هر طبقي ۾ نفرت وجهي ڇڏي آهي. اخلاقيات تباهه ڪئي وئي آهي. مستقبل ۾ ادارو بلڪل اڻ ڌريو رهندو. عوام کي حق آهي ته جنهن به پارٽي کي چاهي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري ڪابه مداخلت نه ڪئي ويندي.