”چونڊون ملتوي نٿيون ٿي سگهن“ اليڪشن ڪميشن جو سينيٽ جي ٺهراءُ تي انڪار

اسلام آباد (بيورو+م ڊ)  اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي ٺهراءُ جي روشني ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ 8 فيبروري تي شيڊول چونڊون ملتوي ڪرائڻ بابت سينيٽ جي منظور ڪيل ٺهراءُ تي سينيٽ سيڪريٽريٽ کي خط لکي ڇڏيو آهي.  اليڪشن ڪميشن طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اوهان جي ٺهراءُ جو جائزو ورتو، اليڪشن ڪميشن صدر عارف علوي سان مشاورت کان پوءِ 8 فيبروري تي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو. اليڪشن ڪميشن سينيٽ ٺهراءُ جو جائزو ورتو آهي جنهن تي غور ڪرڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشڻ جي لاءِ اهڙي مرحلي تي عام چونڊن کي ملتوي ڪرڻ مناسب نه هوندو. اليڪشن ڪميشن طرفان لکيل خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته امن امان جي لاءِ نگران حڪومت کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. سپريم ڪورٽ ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ته 8 فيبروري تي چونڊون منعقد ڪرائينداسين. جڏهن ته ماضي ۾ عام چونڊون ۽ مقامي حڪومتن جون چونڊون سياري ۾ ٿينديون رهيون آهن. اهڙي مرحلي تي چونڊون ملتوي ڪرڻ مناسب نه آهي هن وقت عام چونڊن کي ملتوي نٿو ڪري سگهجي. ياد رهي ته 5 جنوري تي سينيٽر دلاور خان سڀني کان پهريان عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو ٺهراءُ سينيٽ ۾ پيش ڪيو هو جنهن کي ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو. اهڙي ٺهراءُ جي منظوري وقت سينيٽ ۾ 14 سينيٽرز موجود هئا. ان کان علاوه سينيٽ ۾ 8 فيبروري تي چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي لاءِ هڪ ٻيو ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو جيڪو فاٽا سان تعلق رکندڙ آزاد سينيٽر بلال الرحمان جمع ڪرايو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.