لاهور (عوامي آواز نيوز ) سپريم ڪورٽ جي استعيفيٰ ڏيندڙ ٻن ججن جسٽس مظاهر علي نقوي ۽ جسٽس اعجاز الاحسن ماضيءَ ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان وڃي ملاقات ڪئي هئي. نامياري صحافي حسنات ملڪ هڪ ٽي وي پروگرام ۾ انڪشاف ڪيو ته جڏهن عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ اچي وئي هئي ته ٻئي جج وڃي جنرل (ر) قمر جاويد باجوه وٽ پهتا ۽ کيس چيو ته عمران خان کي اقتدار مان نه هٽايو وڏو نقصان ٿيندو. کيس بچايو. پر ملاقات تائين بي اعتمادي رٿ جو معاملو گهڻو اڳتي نڪري چڪو هو ان ڪري ٻئي جج عمران خان کي بچائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا هئا.
اسلام آباد، لاهور ۽ پشاور جي ججن جون استعيفائون تيار!
لاهور ( عوامي آواز نيوز) اسلام آباد، لاهور ۽ پشاور مان وڌيڪ ججن جون استعيفائون اچڻ واريون آهن، نامياري صحافي ممتاز ڀٽي جو چوڻ آهي ته اهڙيون ملاقاتون ٿيون آهن، جيڪي نه ٿيڻ گهرجن ها پر انهن ملاقاتن جو پس منظر شايد اهو آهي ته هڪ ٻئي تي ڪجهه معاملا واضح ڪيا ويا آهن ۽ ريڊ لائين ٻڌايون ويون آهن، جنهن کانپوءِ اطلاع آهن ته اسلام آباد جي ڪجهه ججن ته استعيفائون لکيون ڇڏيون آهن، پر لاهور ۽ پشاور مان به استعيفائون اچڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.