سنڌي تمام گهڻي وسيع ٻولي آهي: جميل عباسي

حيدرآباد: ايڇ ايل ايف ۾ “ڪهاڻيڪارن سان ملاقات” عنوان سان ويھڪ ٿي، جنھن جي ماڊريٽر نوشين اڄڻ ھئي. ان موقعي  تي ڪهاڻيڪار زيب سنڌي چيو تھ ٻار جڏھن پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ هوندو آهي، ان کي اتان ئي صلاحيتون ملن ٿيون، قدرت جي طرفان صلاحيتون مهيا ٿين ٿيون، شديد قسم جي بيچيني ٿيندي هئي، اکرن ۽ لفظن سان منهنجو ڪو تعلق هو، جنهن جي مون کي خبر نه هئي، ستين ڪلاس دوران ڪلاس ميٽ آکاڻيون ٻڌائيندو هو، تڏهن مون اهو سوچيو ته آئون ان کان وڌيڪ سٺيون ڪهاڻيون لکي سگهان ٿو، جنهن کانپوءِ اسڪول ۾ پڙهائي دوران ميٿ جي ڪاپي تي هوم ورڪ بدران ڪهاڻي لکي، جنهن تان مون مار بھ کاڌي. ضراب حيدر چيو تھ  منهنجو ڪهاڻيڪار ٿيڻ جو محرڪ منهنجي ڏاڏي هئي، ڪهاڻيڪار ٿيڻ کانپوءِ ماڻهو خطرناڪ بڻجي ويندو آهي، اهو ماڻهو جي ذهن ۽ نفسيات ۾ داخل ٿي ويندو آهي. مبين سنڌي چيو تھ ڪجهه اهڙا رويا، لهجا، ڳالهيون ۽ حادثا ذهنن تي اثر ڇڏين ٿا ۽ اھي ذهن تي ڇانيل رهن ٿا. هن چيو تھ ڪهاڻين جا اڪثر ڪردار يونيورسٽي جي پسمنظر ۾ هئڻ ڪري ڪهاڻين جي ڪتاب جو نالو پرين جو شهر رکيو، ڪھاڻيڪار جميل عباسي چيو تھ مون ڪڏهن سوچيو نھ هو تھ آئون لکي سگهندس. هن چيو تھ منهنجي اها ڪوتاهي آهي تھ آئون سنڌي ۾ لکي نٿو سگهان، اردو راجا ۽ بادشاهن جي شاهي ٻولي رهي آهي، سنڌي تمام گهڻي وسيع ٻولي آهي، اهڙا ڪيترائي لفظ آهن، جيڪي اردو ۾ نٿا ملن، سنڌي شاهوڪار زبان آهي، منهنجي خوش قسمتي هجي ها تھ آئون سنڌي ٻوليءَ ۾ لکي سگهان ها پر آئون ان صلاحيت کان محروم آهيان. ڪھاڻيڪار ڊاڪٽر شميم انصاري چيو تھ هن سماج ۾ ڪهاڻيون قدم قدم تي پيڇو ڪنديون آهن، جيڪي لکڻ تي مجبور ڪنديون آهن، ريڊيو کي دلچسپي سان ٻڌندي هيس، عورت کي هميشھ مسئلن ۾ گهيريل ڏٺو آهي، عورت لاءِ هي سماج مزيدار ناهي، هن مرداڻي سماج ۾ عورت کي مرد کي خوش ڪرڻ جا سبق ڏنا وڃن ٿا، بک، جهالت، غربت ۽ بيروزگاري سميت ٻيا انيڪ مسئلا توهان کي ڪهاڻي لکڻ لاءِ موضوع ڏين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.