بلوچ شاگرد آزاد نه ٿيا ته وزيراعظم، گهرو ۽ بچاءِ سيڪريٽري کان حلفي بيان ورتا ويندا:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل بلوچ شاگردن جي بازيابي لاءِ وفاقي حڪومت کي 13 فيبروري جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل بلوچ شاگردن جي ڪيس تي ٻڌڻي  جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ عدالت وفاق کان ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن گم ٿيلن جي گهر پهچڻ جي حتمي رپورٽ طلب ڪري ورتي. حڪم نامي ۾ عدالت چيو ته بلوچ گم ٿيل شاگردن جي بازيابي لاءِ عدالتي مهلت ۾ 13 فيبروري تائين واڌ ڪئي وڃي ٿي. وزيراعظم، گهرو سيڪريٽري، دفاع ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن کان هن وقت حلفي بيان نه پيا گهرون. جيڪڏهن گم ٿيل ماڻهو بازياب نه ٿيا ته اهي به حلفي بيان ڏيندا ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل بلوچ شاگردن جي بازيابي لاءِ وفاقي حڪومت کي 13 فيبروري جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي ۽ وفاقي حڪومت کان ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن گم ٿيلن جي گهر پهچڻ بابت حتمي رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل بلوچ شاگردن جي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته گم ٿيل بلوچ شاگردن جي بازيابي لاءِ عدالتي مهلت 13 فيبروري تائين وڌائي وئي آهي.حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم، گهرو ۽ بچاءَ واري سيڪريٽري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن کان اڃا تائين حلف ناما نه پيا گهرون،جيڪڏهن لاپتا ماڻهو بازياب نه ٿيا ته اهي حلفي بيان ڏيندا ۽ قانون مطابق ڪارروائي به ٿيندي، حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل جبري گم ڪيل بلوچ شاگردن جي لسٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، عدالت کي ٻڌايو ويو ته 12 بلوچ گم ٿيل شاگردن جا ڪيس التوا ۾ آهن، وفاقي حڪومت يقين ڏياريو ته ڪنهن کي به اغوا نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي ان تي عمل ڪيو ويندو. اٽارني جنرل يقين ڏياريو ته گم ٿيل سمورن ماڻهن کي آزاد ڪيو ويندو.حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته سمي دين بلوچ چيو ته سندس والد کي لاپتا ٿئي هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي، اهو ڪيس به اٽارني جنرل کي ٽيسٽ ڪيس طور حوالي ڪيو ويو آهي. اٽارني جنرل رياستي ادارن کان سمي دين بلوچ جي والد کان پڇاڳاڇا ڪري. سمي دين بلوچ چيو ته ڊيٿ اسڪواڊ جي نالي سان مشهور گروپ بلوچستان ۾ به ڪيمپ قائم ڪري ڇڏي آهي، ايس ايڇ او ڪوهسار جو چوڻ آهي ته بلوچ شهيدن جي نمائندن به ڌرڻو هنيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.