پي ٽي آءِ اميدوارن کي تحريڪ انصاف نظرياتي جون ٽڪيٽون جاري

لاهور (م ڊ ) تحريڪ انصاف 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن کي تحريڪ انصاف نظرياتي  ون ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون. گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ پنهنجي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو هو. پي ٽي آءِ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن کي تحريڪ انصاف نظرياتي جون ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون. پي ٽي آءِ جي پڌرائيءَ موجب سمورا اميدوار تحريڪ انصاف نظرياتي جون ٽڪيٽون آر اوز ۽ ڊي آر اوز جي آفيسن ۾ جمع ڪرائين. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ پاران بيٽ جو چونڊ نشان ملڻ جي صورت ۾ پلان بي سامهون آيو هو، جنهن تحت پي ٽي آءِ پنهنجن اميدوارن کي 2 ٽڪيٽون جاري ڪيون هنيون، جنهن ۾ هڪ پي ٽي آءِ جي ۽ ٻي خالي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.