چونڊ نتيجن کي نه مڃڻ وارو الميو

تحرير: جنيد جعفري

ان کان پهرين مضمون جي شروعات ڪيان، اهو ٻڌائڻ ضروري سمجهندم ته ووٽ ڇا آهي؟ چونڊ ڇا آهي؟ ووٽ کي ڪيئن استعمال ڪجي؟ ترقي يافته ملڪن جو ووٽ سان ڪهڙو تعلق آهي؟ ووٽ جي سوچ ڪٿان آئي؟

1776 کان پهرين، ترقي يافته ملڪن جي فهرست ۾ سڀ کان مٿانهون نالو آمريڪا آهي، گورن هميشه اهو چاهيو ملڪ ۾ گورن جو راج هجي، 1700 کان پهرين عرصي ۾ بادشاهي نظام هوندو هو، گورا تمام گهڻا ذهين ۽ جاکوڙيندر هوندا هئا، مختلف گورن ملڪن ملي ڪري هڪ اتحادي اسٽيٽ ٺاهي جنهن کي United State چيو وڃي ٿو، اسٽيٽ ٺاهڻ جو مقصد فقط ترقي هئي، آمريڪا به ان وقت آزاد ملڪ نه هو، گورا جيڪي به فيصلا ڪندا هئا اهي اجتماعي طور ڪندا هئا۔ 1776 ۾ اجتماعي طور ووٽ هڪ قائدي بنياد ٺاهيو ويو جنهن ۾ گورو، امير، وڏي ماڻهو کي ووٽ جي حقدار بنايو ويو هو، ڪاري رنگ ماڻهو کان نفرت ڪئي ويندي هئي خصوصن آفريڪا کنڊ مان لڏ پلاڻ ڪري ايندڙن کان، 1788۾ هڪ آئين ٺاهيو ويو جنهن ۾ هر غلام قوم کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڄاڻايو ويو ان ۾ اهي سب غلام ڄاڻايا ويا جيڪي بذات خود گورها نه هئا، ايشيا، يورپ، آفريڪا مان جيڪي ڪارا لڏپلاڻ ڪري آيا هئا ان سڀنن لاءِ اهو آئين ٺاهيو ويو، 1792 ۾ Hampshire نالي هڪ عليحده اسٽيٽ ٺاهي وئي جيڪا فقط هڪ بغاوت طور الڳ ٿي جنهن جو اصل منشور گورن کي اهميت ڏيڻ هئي، جنهن ۾ فقط گورن کي حق ڏيڻ جي ڳاله ڪئي ويندي هئي۔ 1807 ۾ عورتن پنهنجو ووٽ ڏيڻ وارو حق ڪنهن به اسٽيٽ کي ڏيڻ وڃائي ڇڏيو 113 سالن جي عرصي تائين۔ 1828 ۾ Maryland اها اسٽيٽ ٺهي جيڪا متفق طور ان شي تي پابند ٿي وئي ته ڪو به گورو مذهب جي بنياد تي ووٽ ڏيڻ کان پابند نٿو ٿي سڳهي جيتوڻيڪ ان عرصي يهودين کي سٺي رسائي ملي، 1848 ۾ ان وقت ميڪسڪو جيڪو يونائٽيڊ اسٽيٽ ۾ هوندو هو، جنهن ۾ علائقي واسي هوندا هئا، جنهن ۾ مستقل وقت اريزونا، ڪيليفورنيا، نيو ميڪسڪو، ٽيڪساس ۽ نيوادا اسٽيٽ اچن ٿيون، ان ميڪسڪو اسٽيٽ واسين يونائٽيڊ اسٽيٽ شهري هئڻ قبول ڪيو پر انگريزي مهارت، ادب، ملڪيت گهرج ڄاڻائڻ سان گڏوگڏ ظلم، زورزبردستي، نسل پرستي بنياد تي ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو۔

اهو مڪمل سلسلو هلندو رهيو۔1861 واري American civil war کانپوءِ 1965 ۾ آمريڪا عدالت پاران هڪ قانون ٺاهيو ويو، جنهن کي صدر lyndon B.Johnson منظور ڪيو، ان قانون کي ماضي ۾ آيل اسٽيٽن مان ورتو ويو هو، 23 مارچ 1956 تي اليڪشن ڪميشن جو بنياد وڌو ويو جيڪو ماضي جي حالتن، واقعن کي نظر ۾ رکندي بڻايو ويو، آرٽيڪل 213، 216 چيف اليڪشن ڪميشن، چار هاء ڪورٽ جي ريٽائرڊ ججن جي هيٺ هڪ ڪميشن ٺاهي وئي جنهن کي ملڪ جي صدر منظور ڪيو، جنهن جي بنياد تي ملڪ ۾ چونڊون ڪرايون وڃن ٿيون۔

آمريڪا، يورپ، آسٽريليا ملڪن ۾ سياسي پارٽين جي جوڙجڪ ڪا وڏي نه هوندي ۽ گهٽ ڪئي ويندي آهي، تقريبن وڌ ۾ وڌ ٻه، ٽي يا چار پارٽين کان مٿي تصور نه هوندو آهي، اليڪشن ڪميشن به رجسٽريشن ٻن يا ٽن پارٽين کي ڏيندي آهي جنهن بنياد تي عوام کي ٻه رستا ملندا آهن جنهن جو ماضي، ڪارڪردگي، پسمنظر شفاف هوندو آهي ان جي ووٽن جي انگن ۾ اضافو ٿيندو ويندو آهي۔ ويجهڙ روس مان ٻيهر چونڊيل صدر پيوٽن کي گهڻا ووٽ ملڻ جو سبب اهو ئي هو ته سندس ساک سٺي هئس، گڏوگڏ مظلوم ملڪن جو پاسو کڻڻ سان سندس شهرت ۾ اضافو ٿيندو ويهس جيڪا يقينن روس جي شهرت هئي ان ئي بنياد تي سندس چونڊ ۾ سوڀ مليس۔ جرمن سياستدان اينجلا مرڪل گذريل سيپٽمر ۾ جرمن پارليامينٽ ۾ ڇوٿون ڀيرو سڄي جرمني مان چانسلر چونڊجي آئي سندس مقبوليت راز اهو ئي آهيس ته هن ڪڏهن به اصولن خلاف سوڌو نه ڪيو، اينجلا مرڪل جي حڪومت اچڻ کان پهرين سياسي مهم دوران ٽرمپ انتظاميه هيٺ ان کي مختلف آمريڪي پاليسين سان اتحاد جوڙڻ جو زور ڀريو پيو ويو پر اينجلا پنهنجي سياسي تجربي مان ايترو سکي آئي جو هو ملڪي پاليسين خلاف ڪنهن ڳالهه تي اتحاد نه ڪري رهي هئي اهو ئي سبب هو جو سندس فتح نصيب ٿي۔ ووٽ جو اصل خلاصو ئي اهو آهي جتي انسان جي ضمير جي سوچ جي حدود ختم ٿي وڃي، جتي انسان راضپو ڏيکاري ته چونڊ لاءِ اها شخصيت بهتر آهي، انهي جو ماضي، ساخ سٺي آهي ۽ ڪم ڪرڻ جو گڻ به انهي وٽ آهي، انهي کان بغير ڪنهن جي وس ۾ ڪونهي، منهنجو ووٽ ان کي هوندو، جڏهن انسان جو ضمير ڪنهن شخصيت تي مطمئن ٿي ويندو آهي ته پاڻ کي ان جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي انگريزي ٻولي ۾ ان کي ووٽ چئبو آهي۔

اسان وٽ اڪثر ڪري ملڪ ۾ ووٽ قبائلي، نسلي، ذات بنياد تي ڏنو ويندو آهي جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ وڏيرو، سردار قبيلائي دور کان اچي پيو، يا ڪا مذهبي برادري آهي اتي جا اڳواڻ اهو تاثر ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن ته ووٽ برادري کي ڏيڻو آهي، برادري جو واقعن اعتراض ڪونهي، برادري هجڻ سٺو عمل آهي پر برادري جو ووٽ سان ڪهڙو تعلق۔ ڳوٺن، قبيلن ۾ جي ڏسجي ته اتي به 18 سالن جي ڇوڪري کان ويندي پيرسن تائين ووٽ ان کي ڏيندو جنهن کي وڏيرو يا سردار چوندو، پوءِ جيڪڏهن نٿو ڏي ووٽ ته ان سان راڄن جا راڄ ڳالهائڻ ختم ڪري ڇڏيندا، معني سهون سڌو هڪ ملڪ جي شهري کان اظهار جي آزادي ڦري ٿي وڃي، جنهن ملڪ جي ترقي جا خواب ڏسڻ جا نعرا ٿا هنيا وڃن، اتي عام ماڻهو ترقي ڏسڻ لاءِ عملي ڪم ڪري، ووٽ ڏي ٿو، اتي ان جي ووٽ جي حق کي ڦريو وڃي ٿو۔

ٻيو وري ملڪ ۾ اهو دستور رهيو آهي جيڪا سياسي پارٽي سياسي اثر رسوخ وڃائي ويندي آهي پوءِ اها پارٽي جن علائقن مان گهڻا ووٽ کڻڻ جا امڪان گهٽ هوندا آهن ان علائقن مان ووٽ خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، هي عمل ووٽ ايڪٽ جي بلڪل خلاف آهي، ووٽ ايڪٽ منظور جو مقصد ئي اهو هو ته عام شهري ووٽ جو حق استعمال ڪري منتخب اميدوار کي ووٽ ڏئي سڳهي، 5000 10000 ۾ جيڪڏهن ووٽ کي خريد ڪيو ويندو، مطلب پارٽي اڳواڻ پنهنجي ذاتي لالچ عيوض سياست ڪري رهيو آهي، ملڪي مفاد جي ان کي ڪا به ڳڻتي نه هوندي آهي.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سياست کي ڏسجي ان ترقياتي ڪم به ڪرايا، ڪرپشن به ڪئين، ڪرپشن ۾ نااهل به ٿيو، پر ووٽ وٺڻ لاءِ پنهنجي تحريڪ جو آغاز شروع ڪري ڇڏئين، روڊ رستن تي احتجاج ڪري مختلف علائقن ڏانهن مارچ ڪري پنهنجي ساخ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري پيو، تاثر ڏي پيو ته آئون بي ڏوهي آهيان، مونکي ڇو ڪڍيو ويو ۽ عوام جي اڳيان پاڻ کي سرخرو پيو ڪري، اهو به ووٽ وٺڻ جو هڪڙو قسم آهي۔

اسان وٽ حالت اها آهي پولنگ اسٽيشنس ويجهو ووٽ وجهڻ تان جهيڙا جهڳڙا ٿيو پون ۽ نتيجا ڪير مڃڻ لاءِ تيار ئي نه ٿئي ٿو آخرڪار ٻيهر ڳڻپ شماري ڪرائي ويندي آهي، اظهار جي آزادي جمهوري حق آهي۔ اسان جي پاريسڙي ايشيا جي ملڪن ۾ ئي ڏسي وٺون اتي به چونڊ ايتري سهڻي نموني ٿيندي آهي، چين، ايران، بنگلاديش جي ئي ڳڻپ ڏسون، اسان جي لاءِ مثال آهي۔ جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اسان جو ملڪ ترقي جي رستن تي گامزن رهي، خوشحالي اچي، نوجوانن کي روزگار ملي ته اسان کي انهن نمائندن کي منتخب ڪرڻو پوندو جنهن کي اسان ضمير تسليم ڪندو هجي تاڪه اهو حڪمراني ۾ اچي ڪري مسئلن جا حل ڪڍي سگهي ۽ معاشي طور تي ملڪ کي مٿي کڻي اچي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.