شاهد علي ابڙي جي ڪتاب ” سنڌ اِرتقا جي جاءِ “ جو مختصر اڀياس

تحرير: امين جويو

شاهد علي ابڙي جو هي ڪتاب سال 2016ع ۾ سندس ئي ” ايپل ابڙو پبليڪيشن “ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو . هي ڪتاب هن پندرهن سورهن سال ڪيترائي ملڪ گهمڻ ، ذاتي مشاهدو ڪرڻ ، مختلف مذهبن ۽ تهذيبن جو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ لکيو آهي .

ليکڪ پنهنجي هن ڪتاب جي ارپنا هنن لفظن سان ڪئي آهي ته ؛ ” مان پنهنجي هن تحرير جي ارپنا خالق ڪائنات جي پيار جو مرڪز رهندڙ؛  دنيا جي سڀني ساهه وارن کي جنم ڏيئي پنهنجي هنج ۾ پاليندڙ ؛ حضرت آدم عليه السلام کان حضرت محمد صلعم تائين سڀني پيغمبرن ، صوفين ، سنتن ۽ عالمن جو پهريون وطن رهندڙ سنڌ ڌرتي ۽ ان ۾ موجود انهن فردن لاءِ جيڪي گمنامين جي گهراين ۽ منظر تي رهندي عالمِ انسانيت ، ڌرتي ۽ سنڌي قوم جي بقا لاءِ حق ۽ سچ جي واٽ تي هلندي علم ، عمل ، قلم ، ۽ زبان ذريعي جدوجهد ڪندي پنهنجي جان ۽ مال قربان ڪري سنڌ وطن جي بقا لاءِ جهاد ڪندڙ نوجوانن ۽ نياڻين جا لاش ڍوئندڙ ؛ مائرن ، پيئرن ، ڀائرن ، ڀينرن ، پٽن ، ڌيئرن ۽ سچن حلالي سنڌي سَپوتن جي نالي ڪريان ٿو “

ليکڪ پنهنجي پاران واري حصي ۾ لکيو آهي ته ؛ ” هن ڌرتيءَ جي پيدائش کان کنڊن ۾ تقسيم ٿيڻ وقت سنڌ جي ڌرتيءَ جو ڪردار انتهائي اهم آهي ۽ دنيا ۾ پکڙيل انسان ۽ ٻيا جانور سنڌ ڌرتيءَ تي جنم وٺي دنيا ۾ پکڙجي ويا ۽ دنيا جو پهريون حياتيءَ جو جيو گهرڙو ( Life Cell) سنڌ مان ٺوس جسم جي طاقت وٺي مختلف جاندارن جي شڪل ۾ پيدا ٿيو ۽ پرورش حاصل ڪيائين.  سنڌ ڌرتي دنيا جي واحد ڌرتي آهي جتي پهرئين انسان آدم عليه السلام جا قدم پيا ۽ سندس اولاد جو جنم ۽ موت ٿيو“.

هن ڪتاب تي ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ ، ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ ، قاضي مقصود احمد ، عطاءُ الله ضياءَ قاسمي ، پروفيسر عبدالغفار دائود پوٽي ، صادق علي پالاري ، ڊاڪٽر غلام عباس مهيسر ، سردار احمد سنڌي ۽ سرفراز علي راهوجي پنهنجا ويچار ونڊيا آهن ۽ سڀني شاهد علي ابڙي جي هن تصنيف ۽ جدوجهد جي واکاڻ ڪندي سٺن لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. ليکڪ پنهنجي هن ڪتاب ۾ ؛ قرآن شريف ، گيتا ، رامائڻ ، ويدن ، پراڻن ، عربي ، فارسي ، اردو ۽ هندي ودوانن جي ڪتابن جا ڪافي حوالا ڏنا آهن . ان کان سواءِ هن؛  الفرڊ رسل ويلاس ، چارلس ڊارون ، ايرا وولفرٽ ، ڪلياڻ گورکپوري ، اي ڊيبيوس ، نڪولس نورووچ ، رونلڊ شيلر ، پنڊت ويد پرڪاش اُپاڌيائي ، نرسنگهه اگروال ،  شِري گنگا پرشاد اُپاڌيائي ، شنڪر آچاريا رجنيش ۽ ڪجهه ٻين ڏيهي ليکڪن جي ڪتابن جا حوالا ڏئي بحث ڪيو آهي .

ليکڪ جو هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ سندس هيٺيان اهم موقف اُڀري سامهون اچن ٿا ؛

  1. سنڌ اِرتقا جي جاءِ آهي ، جتي پهريون جِيوَ گهرڙو ( لائيف سيل ) پيدا ٿيو .
  2. دنيا جي پهرئين جيوَ گهرڙي ( لائيف سيل ) جو جنم سنڌ ۾ لڪيءَ واري جابلو سلسلي ۾ ٿيو.
  3. حضرت هود عليه سلام ( گورک ناٿ ) جي قوم ”عاد“ جي رهائش سنڌ جي کيرٿر جابلو سلسلي ۾ هئي جن مان موهن نالي هڪ شخص رني ڪوٽ جو قلعو اڏايو.
  4. حضرت نوح عليه السلام جو جنم ۽ وفات سنڌ ٿي ۽ هو سنڌ ۾ ئي مدفون آهي.
  5. دنيا جو وچ ( مرڪز ) کيوڙا ۾ موجود ” باغان والي “ پهاڙ جي چوٽي آهي ، جنهن جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ حضرت حام بن نوح جي ڇويهه گز ڊگهي قبر به موجود آهي.
  6. دنيا جو پهريون قتل ( حضرت قابيل جو قتل ) سنڌ جي کيرٿر واري جابلو سلسلي ۾ ٿيو هو.
  7. شِو شنڪر کي کيرٿر جي ڏاڙهياري جبل تي دفنايو ويو ، جتي ڪتي جي قبر ۽ اهو غار به موجود آهي جنهن ۾ ” اصحاب ڪهف “ اچي لڪيا هئا.
  8. حضرت نوح عليه السلام وارو ٻيڙو ” طوفان نوح “ کان پوءِ دادو ضلعي واري ” پٻَ جبل “ تي اچي بيٺو هو.
  9. حضرت آدم عليه السلام جي ٻني سنڌ جي ڪاڇي واري عِلائقي ڪاسبي ۾ آهي ، جتي هن پنهنجي رهڻ لاءِ پهرئين جهوپڙي ٺاهي .

ليکڪ مٿين سڀني ڳالهين لاءِ مختلف ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن. ان سان گڏ هو مٿي بيان ڪيل سڀني جاين تائين پاڻ ويو به آهي. پر جيئن ته تحقيق جو عمل اڻ کُٽ آهي ۽ اهو هڪ هنڌ بيهڻو ناهي.

هن وقت جي جديد دنيا ۾ هر روز سائنسي بنيادن تي نِت نوان انڪشاف ٿي رهيا آهن ۽ دنيا جي هر شعبي ۾ انقلاب اچي رهيا آهن! ان ڪري آئون سمجهان ٿو ته شاهد علي ابڙي جي هن ڪتاب تي هڪ ادبي ويهڪ ٿيڻ گهرجي ۽ سندس بيان ڪيل هر هڪ نقطي تي بحث ٿيڻ گهرجي. ان ويهڪ ۾ ” لائيف سائنس“  ۽ ” جينيٽڪ سائنس“ جا ماهر پنهنجو پنهنجو موقف پيش ڪن ۽ آخر ۾ جديد سائنسي بنيادن جي آڌار تي ڳالهائي ، تصديق ڪرڻ کان بعد ۾ ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو. باقي شاهد علي ابڙي هي ڪتاب لکڻ لاءِ جيڪي ڏک ، تڪليفون ۽ ڪشالا ڪٽيا آهن اهي هر ماڻهو نه ٿو ڪٽي سگهي. کيس جس هجي جو هن پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري پنهنجي پورهيو هن ڪتاب جي صورت ۾ پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.