رام مندر جو افتتاح ۽ ان خلاف احتجاج هندستان جي سيڪيولر ڪلچر کي سخت چئلينج

تحرير: نثار لغاري

هندستان جو وزيراعظم نريندر مودي  ٻاويهين جنوري2024  تي تڪراري رام مندر جو افتتاح ڪندو ان جون هڪ طرف تياريون هلي رهيون آھن ته ٻئي طرف ان عمل خلاف تڪرار احتجاج پڻ ٿي رهيا آھن کاٻي ڌر جي ڪميونسٽ پارٽين کان ڪانگريس سميت ڪافي ڌريون تڪراري رام مندر جيڪو پراڻي بابري مسجد کي ڊاهي تعمير ڪيو ويو آھي اهو درحقيقت مذھب کي وڏي پئماني تي استعمال ڪرڻ ان تي سياست ڪرڻ جو نتيجو آھي  انڪري  رام مندر جي افتتاح تي تڪرار، مخالف ڌر ۽ هندو مذهبي پيشوائن طرفان بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آھي

ايوڌيا ۾ ٺھندڙ رام مندر جي افتتاح جو معاملو هاڻي ھڪ تڪرار ۾ تبديل ٿي ويو آهي جتي مخالف ڌر جون اڪثر پارٽيون ان جو بائيڪاٽ ڪري رهيون آهن، جڏھن ته اتي هندو مذهب جي چئن ئي پيشوائن يعني شنڪر آچارين به ان تقريب جي مخالفت ۽ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.وزير اعظم نريندر مودي 22 جنوري تي مندر ۾ رام جي مورتي لڳائي ان جو افتتاح ڪندو. ان پروگرام جي وڏي پيماني تي تياري ڪئي وئي آهي ۽ اصل تقريب کان سواءِ پڻ ڪيترن ئي پروگرامن جو اعلان ڪيو ويو آهي.ڀارت جي سڀ کان وڏي اپوزيشن پارٽي ڪانگريس اربع ڏينهن هڪ بيان جاري ڪندي ان کي حڪمران جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) ۽ ان جي نظرياتي سرپرست تنظيم راشٽريا سويم سيوڪ سنگهھ (آر ايس ايس) جو ھڪ سياسي منصوبو قرار ڏيندي ان ۾ شموليت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

‘هي بي جي پي جو سياسي منصوبو آهي’ واضح رهي ته مندر جي تعمير ڪندڙ ’رام مندر تيرٿ شيترا‘ جي طرفان ڪانگريس جي صدر ملڪ ارجن کڙگي، اڳوڻي صدر سونيا گانڌي ۽ سينئر اڳواڻ اڌير رنجن چوڌري کي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ  دعوت ناما موڪليا ويا هئا.ڪانگريس سينئر اڳواڻ جي رام رميش پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مذهب هڪ ذاتي معاملو آهي. پر بي جي پي ۽ آر ايس ايس ڊگهي عرصي کان ايوڌيا ۾ مندر کي هڪ سياسي پروجيڪٽ بڻائي ڇڏيو آهي. مندر جي افتتاح جو مقصد به ان مان سياسي فائدو حاصل ڪرڻ آهي.اپوزيشن جي ڪيترين ئي پارٽين جهڙوڪ کاٻي ڌر، ترنمول ڪانگريس، شيو سينا اوڌو گروپ ان تقريب جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي.

ڪانگريس طرفان افتتاحي تقريب ۾ شرڪت نه ڪرڻ  جي اعلان کان پوءِ  بي جي پي ڪيترن ئي اڳواڻن ان تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي. بي جي پي جي ترجمان نلن ڪوهلي سميت ڪيترن ئي اڳواڻن، ڪانگريس کي هندو مخالف جماعت قرارڏنو ۽ ان جي ڀيٽ راوڻ سان ڪئي،هن هڪ بيان ۾ چيو ته ڪانگريس جي هن فيصلي تي کيس ڪو به تعجب ناهي ٿيو. ڇاڪاڻ ته هن رام کي هڪ خيالي ڪردار قرار ڏنو آهي. هن ان ئي جاءِ تي بابري مسجد ٺاهڻ جو واعدو ڪيو هو، سندس چواڻي، هاڻي ڪانگريس رام جو بائيڪاٽ ڪيو آهي. ان ڪري 2024ع جي پارلياماني چونڊن ۾ عوام ان جو بائيڪاٽ ڪندو.

بي جي پي سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبر منوج تيواري، اپوزيشن جي ان الزام تي ته بي جي پي رام مندر کي سياسي فائدو وٺڻ لاءِ  استعمال ڪري رهي آهي، بابت چيو ته جيڪڏهن رام جو نالو وٺڻ ۾ سياسي فائدو آهي ته پوءِ  بي جي پي سندس نالو استعمال ڪري سگهي ٿي.

بي جي پي جي ترجمان جي وير شيرگل جو چوڻ آهي ته ڪانگريس جو بائيڪاٽ ڪو اتفاق ناهي پر اپوزيشن اتحاد ’انڊيا‘ سوچيل سمجھيل منصوبي ھيٺ هندن جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ جي مقصد جي ڪري اھو اعلان ڪيو آهي.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ 2019 ۾ ايوڌيا تڪرار بابت فيصلو ٻڌائيندي بابري مسجد واري جاءِ رام مندر جي اڏاوت لاءِ  ڏني ھئي. هن ان جي بدران ڪنھن مناسب جڳھه تي مسجد جي تعمير لاءِ  پنج ايڪڙ زمين ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي ھئي جيڪا ايوڌيا جي سرحدن کان ڪافي ٻاهر ڏني وئي آهي ۽ اتي اڃا تائين مسجد جي تعمير شروع نه ٿي سگھي آهي.

سپريم ڪورٽ جي هدايت تي جوڙيل ٽرسٽ ’رام مندر ترٿ شيترا‘ طرفان مندرجي اڏاوت ڪئي پئي وڃي. مندر جي تعمير جو افتتاح وزيراعظم زمين جي پوڄا ڪري ڪيو ھئو.

سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته بي جي پي ايوڌيا ۾ رام مندر جي مسئلي کي هميشه پنهنجي چونڊ منشور ۾ شامل ڪيو آهي. ھن ماضيءَ ۾ به ان مان سياسي فائدو ورتو آهي ۽ ھڪ ڀيرو ٻيهر پڻ فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي.

دهلي يونيورسٽي جي استاد پروفيسر اپوروانند جو چوڻ آهي ته اهو سڄو معاملو سياسي آهي. ان جو مذهب سان ڪو به تعلق ناهي. رام مندرجي سڄي تحريڪ سياسي هئي. خود بي جي پي جي ڪيترن ئي وڏن اڳواڻن ان ڳالهھ جو اعتراف ڪيو آھي. هندستان جيڪو آئيني طرح ھڪ سيڪيولر ملڪ آھي ان کي هندو انتها پسندي  جي هندوتوا نظريي مان سخت خطرو آھي

مذھب جي نالي ۾ عقيدن جي هٿڪنڊن سان سماج کي يرغمال ڪري پنهنجي مفادن لاءِ  استعمال ڪرڻ حڪمران جاگيردارن سرمائيدارن جو پراڻو ڌنڌو آھي جنهن جي ڪري اسان جا سماج ڪافي پوئتي پئجي ويا آھن انڪري ئي دنيا ۾ سيڪيولرزم وسيلي هڪ خيال تشڪيل ڪيو ويو ته رياست ۽ سياست ۾ مذھب عقيدن جهڙي حساس معاملي کي استعمال ڪرڻ تي پابندي هجڻ گهرجي

مذھب جي نالي ۾ عقيدن جي هٿڪنڊن سان سماج کي يرغمال ڪري پنهنجي مفادن لاءِ  استعمال ڪرڻ حڪمران جاگيردارن سرمائيدارن جو پراڻو ڌنڌو آھي جنهن جي ڪري اسان جا سماج ڪافي پوئتي پئجي ويا آھن انڪري ئي دنيا ۾ سيڪيولرزم وسيلي هڪ خيال تشڪيل ڪيو ويو ته رياست ۽ سياست ۾ مذھب عقيدن جهڙي حساس معاملي کي استعمال ڪرڻ تي پابندي هجڻ گهرجي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.