بي اعتماد ادارا ۽ تباھي جا منظر

تحرير: دانش عبدالحميد چنو

سڀ ڪجهھ وڃائجي پر ساک ۽ پت نه وڃائجي، ڀرم نه ٽوڙجي، بک تي ويھجي پر رشوت نه کائجي، دوکو ۽ ٺڳي نه ڪجي، ڪوڙ نه ڳالهائجي، جيڪڏهن اسان جي سماج مان ڪوڙ ختم ٿي وڃي ته سماج ۾ وڏو سڌارو اچي وڃي، سچ اڇي ڏينھن وانگر روشن هوندو آھي ۽ ڪوڙ ڪاري رات جيان انڌيرو هوندو آھي، ڪوڙ ڪڏهن به ڪامياب ناهي ٿيندو ۽ سچ ھميشه هر دور ۾ فاتح رهيو آھي، اسان جي ملڪ ۾ بد قسمتي سان ادارا غير فعال رهيا آھن، ادارن ۾ ويٺل سفارشي ماڻھن رشوت جي بازار گرم ڪري ميرٽ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آھي، ڪھڙي ڳالهھ ڪري ڪھڙي ڪجي!؟ ڪنھن کي دانھن ڏجي؟

عدالتن مان انصاف جي بدران دربدري ۽ خواري ملي ٿي، غريبن لاءِ قانون ٻيو ته اميرن لاءِ ٻيو، مساوات جا دعويدار ڇو نه ٿا قانون جي پاسداري ڪرائي سگھن؟ جيڪڏھن جج يا جرنيل جو پٽ ڏوهه ڪري ته اهو ڪري سگھي ٿو انھن جي لاءِ ڪو به قانون لاڳو نه ٿو ٿئي، جيڪڏهن ڪنهن نواب جو ايلچي ڀتاخوري ڪري ته ان جي مرضي آھي ڇاڪاڻ ته جيڪو ڏاڍو سو گابو، وڏيرو جيڪڏهن علائقي ۾ چوريون ڪرائي ڌاڙا ۽ کاٽ ھڻائي ته ان جو ڪوئي وار به ونگو نه ٿو ڪري سگھي ڇاڪاڻ ته MPA، MNA جو ماڻھو آھي، جيڪڏهن نواب جيپ ريس ڀڄائيندي ماڻھن کي لتاڙي مارن ته اهو ڏوهه ئي ناهي، مست اٺن وانگر بي ميار آھن، ادارن جي بي اعتمادي عوام جي دلين ۾ اشتعال پيدا ڪري ڇڏيو آھي،

هڪ غريب پنھنجي پيٽ کي گوڏا ڏئي ٻچن کي تعليم ڏياري ته جيئن اهي مڇي ماني لائق ٿين پر اعليٰ تعليم هوندي به پٽيوالي لاءِ ڦرندو وتي ته معاشري ۾ تعليم جي ميار جي اھميت کي اجاگر نه ٿو ڪري سگھجي، وڏيون نوڪريون وٺڻ غريب لاءِ اڻپورو خواب بڻجي چڪو آھي، جيڪڏهن وڏين ڪرسين تي صرف سفارشي ماڻھو ويهندا ته ملڪ ترقي ڪيئن ٿو ڪري سگهي!!؟ پوءِ هر طرف تباھي ئي تباھي ٿيندي رهندي ۽ بدامني جي باھ پئي ڀڙڪا ڏيندي رھندي، سرعام ڏوھ ٿيندا، ڏاڍ ٿيندو۔ وفاقي نوڪرين جي ورڇ تي جيڪڏهن نظرثاني ڪجي ته اسان جي صوبي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، حقن تي ڏينھن ڏٺي ڌاڙو آھي وفاق ۾ اسان جا سنڌي ڀائر اٽي ۾ لوڻ برابر مس آھن، تمام وڏي ناجائزي آھي،

اسان جا سنڌي عظيم انسان تمام وڏا دانشور، ذھين ۽ محنتي آھن، انهن جون هر ميدان ۾ بيمثال خدمتون آھن، سڄي دنيا ۾ انهن جي مڃتا آھي، هي سياڻا سلڇڻا پنھنجو مٽ پاڻ آھن، اسان چاھيون ٿا ته وفاقي ادارا ايمانداري سان نوڪرين جي ورڇ ڪري اسان جي نوجوانن جون پريشانيون ختم ڪن، ھي اسان جو احتجاج آھي، هن وطن جي لاءِ اسان جي وڏڙن جون بيمثال قربانيون آھن، اسان کي وفاقي تعليمي ادارن ۾ برابر  جو موقعو ڏنو وڃي، اسان کي ھوائي، بري، بحري فوج جو حصو بنا فرق ۽ سفارش جي بڻايو وڃي، PCB کي گھرجي ته قومي ڪرڪيٽ ۾ اسان جي سنڌ صوبي جي نوجوانن کي موقعو ڏي ته جيئن ھو به پنھنجي قوم جي لاءِ شانُ شوڪت ۽ فخر جو باعث بڻجي سگھن، سپريم ڪورٽ کي به گذارش ٿي ڪجي ته عدل جي بحالي لاءِ پنھنجو ڪردار وقت سر ادا ڪري، ادارن کي فعال بڻائيندي ميرٽ جي لتاڙ ڪندڙن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن ملڪ ترقي ڪري، معيشت پروان چڙھي، عوام سک جو ساھ کڻي، جيئن غريب عوام پنھنجي چھري تي مسڪراھٽ سجائي سگھي،

ستر سال جي عرصي ۾ عوام کي ذلت ۽ رسوائي کان علاوه ڪجهھ به ناهي مليو، دربدري عوام جو مقدر بڻجي چڪي آھي، الله کانسواءِ هاڻي ڪو اميد ۽ آسرو ناهي رهيو، ملڪ جي ترقي جا ٺيڪيدار اچي ڪچين آبادين ۾ ماڻھن جي حالت ڏسي پنھنجي دل تي هٿ رکي ٻڌائن ته پنھنجي اولاد کي ڪيڏي نازن سان ٿا پالن ۽ غريب عوام جي ڇا حالت آھي!!؟ اسان چاهيون ٿا ته قوم سڌاري طرف ھلي پئي، ڪنهن کي به بنيادي حقن کان محروم نه ڪيو وڃي، ھاري ۽ مزدور به خوشحال رھن، مسڪينن جي پرگھور لڌي وڃي، تعليم بھتر ٿئي، سچل سرمست، قلندر لعل شھباز ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ڌرتي تي رھندڙ ماڻھو پنھنجي حقن کان محروم نه رھن، امن جو پکي واپس وطن موٽي اچي، هر ڪو مرڪون وکيري، عورتن کي احترام ۽ قدر جي نگاھ سان ڏٺو وڃي، هتان ڪرپشن ۽ سفارش جو ڪلچر ختم ٿي وڃي ته جيئن ملڪ جو مستقبل خوبصورت بڻجي پوي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.