پيشي دوران عدالت ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي جج کي ڇنڊ

واشنگٽن (م ڊ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پيشي دوران عدالت ۾ جج کي ڇنڊ پٽي جنهن کان پوءِ جج آمريڪي جي اڳوڻي صدر جي وڪيل کي تنبيهه ڪندي چيو ته پنهنجو موُڪل کي سنڀاليو، ٽرمپ خلاف سول فراڊ جو ڪيس داخل آهي، هن تي ڪاروباري اثاثن جي وڌيڪ ملڪيت ٻڌائي بينڪن ۽ انشورنس ڏيندڙن کي دوکو ڏيڻ جو به الزام آهي. نيويارڪ جي اٽارني جنرل عدالت کان ٽرمپ تي گھٽ ۾ گھٽ 370 ملين ڊالر ڏنڊ هڻڻ ۽ سندس پٽن جي نيويارڪ ۾ ڪاروبار تي مستقل پابندي لڳائڻ جي درخواست ڪئي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب ٻڌڻيءَ دوران ٽرمپ حتمي دليل پاڻ ڏيڻ چاهي پيو پر ڪجهه پابندين کي تسليم ڪرڻ کان انڪار سبب کيس اجازت نه ڏني وئي، جج آرٿر ٽرمپ جي وڪيل کي ٻڌڻ بعد اڳوڻي صدر کي مختصر بيان جي اجازت ڏيندي چيو ته هو عدالت جي ڪمري جو احترام ڪري، جج پاران خبردار ڪرڻ جي باوجود ٽرمپ عدالت جي ڪمري کي چونڊ دنگل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، چيائين ته پراسيڪيوٽر جي ڪوشش آهي ته کيس ٻيهر صدر بڻجڻ کان روڪي ۽ جيڪڏهن هو ان ڳالهه تي نٿو ڳالهائي سگھي ته اِهو ٺيڪ نه هوندو، جج جي مداخلت جي ڪوشش ڪئي ته ٽرمپ هن کي به ڇنڊ پٽيندي چيو ته تنهنجي به پنهنجي ايجنڊا آهي، تون هڪ منٽ کان وڌيڪ نٿو ٻڌي سگھين جنهن جج ٽرمپ جي وڪيل کي تنبيهه ڪندي جج چيو ته پنهنجي موُئڪل کي قابوءَ ۾ رکو، آمريڪي ميڊيا موجب خميس ڏينهن ڊونلڊ ٽرمپ جي سول فراڊ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج آرٿر ينگورون کي گھر تي بم حملي جي ڌمڪي ڏني جنهن تي نيويارڪ جي ناسائون ڪائونٽي پوليس ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. پيشيءَ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ۾ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته هو بي ڏوهي آهي، ڪنهن کي به دوکو نه ڏنو اٿس. واضح رهي ته ٽرمپ کي دوکو ڏيڻ جي ڪيس ۾ 370 ملين ڊالر وڌو ويو آهي جنهن ته 31 جنوري تائين حتمي فيصلو اچڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.