اسرائيل جي جارحيت جاري، وڌيڪ 151 فلسطيني شهيد

غزه (م ڊ) اسرائيل جي جارحيت جاري، وڌيڪ 151 فلسطيني شهيد ٿي ويا، انٽرنيٽ ۽ ٽيليڪام سروس معطل ٿيل، غزه تي اسرائيلي حملا جاري آهن، جنهن ۾ وڌيڪ 151 فلسطيني شهيد ٿي ويا، بمباري جي ڪري انٽرنيٽ ۽ ٽيليڪام سروسز به معطل بڻيل آهي، فلسطيني صحت واري وزارت بيان ۾ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 151 فلسطيني شهيد ۽ 248 زخمي ٿيا، صحت واري وزارت موجب 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي حملن ۾ 23 هزار 708 فلسطيني شهيد ۽ 60 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، عرب ميڊيا موجب غزه پٽي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مڪمل ڪميونيڪيشن بليڪ آئوٽ ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.