گم ٿيلن شهرين بابت ٻڌڻي، عدالت پاران جاچ آفيسر کان پڇاڻو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي  بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي .عدالت جو جاچ آفيسر کان پچاڻو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟، جاچ آفيسر عدالت کي جواب ڏنو ته 21 جي آءِ ٽيز ۽ 16 صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿي چڪا آهن.عدالت ۾ درخواستگذار چيو ته محمد زبير  2014ع بغدادي ٿاڻي جي حد مان گم ٿي ويو هو، هن وقت تائين سندس ڪٿي به پتو نه پيو آهي، گم ٿيل جي وارثن جوچوڻ آهي ته  2014ع کان وٺي پوليس ٿاڻي ۽ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون پر ڪٿي به انصاف نه پيو ملي. جسٽس نعمت اللله ڦلپوٽو چيو پريشان نه ٿيو، اسان توهان کي يقين ڏياريو ٿا ته توهان کي انصاف ملندو.درخواستگذار چيو ته حسن دلاور 2015ع کان لانڍي مان گم ٿيو هو، هن وقت تائين ڪا به خبر ناهي ملي سگهي ته هو ڪٿي آهي ۽ سندس ڪهڙي حالت آهي.عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ڪيتريون جي آءِ ٽي ٺاهيون ويون آهن؟ جاچ آفيسر چيو ته 30 جي آءِ ٽيز ۽ 12 صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿي چڪا آهن. درخواستگذار چيو ته ثاقب آفريدي به 2015 کان سچل ڳوٺ ٿاڻي جي مان غائب آهي. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس پي جاچ کان پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا، ايس پي جاچ اوڀر چيو ته 22 جي آءِ ٽي ۽ 15 صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿي چڪا آهن ۽ڳولا جاري آهي، عدالت جو ايس پي جاچ تي ڪاوڙ جو اظهارڪندي چيو ته 22 جي آءِ ٽي ٺهڻ باوجود گم ٿيل شهرين جو پتو نه پيو.جڏهن ته سيد نويد علي ساحل پوليس اسٽيشن، ظفر اقبال سائٽ سپر هاءِ وي ۽ اعزاز حسن ناظم آباد مان گم آهن.عدالت جاچ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته گم ٿيل شهرين جي ڳولا جاري رکي وڃي.عدالت گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ سندن تصويرون سوشل ميڊيا تي نشر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي .عدالت گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد ڊوائيس استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايس پي جاچ کان اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .عدالت درخواستن جي وڌيڪ ٻڌڻي 8 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.