سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪيو ويو:مقبول هاليپوٽو

ڪراچي ( رپورٽر  ) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا ) جي سنڌ آيل عهديدارن جي مان ۾ آرٽس ڪائونسل پاڪستان  ڪراچي جي گل رنگ ڪيفي ٽيريا ۾ آرٽ ڪائونسل ڪراچي جي عهديدار ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ٻين دوستن طرفان چانهه پارٽي جو آجياڻو ڏنو ويو. ان موقعي تي سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو ڳالهائيندي چيو ته ان کان وڌيڪ ڪا ٻي وڏي ڪرپشن نه آهي ته 1947 بعد ڪراچي ۽ حيدرآباد جا شهر ان جي اصلي مالڪن کان ڦريا ويا ۽ گهرن ۾ موجود سنڌي هندن کان ڏاڍ ۽ ظلم وسيلي انهن کي زبردستي گهرن مان ڌڪي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪيو ويو ۽ سنڌي قوم پنهنجو بچاءُ ڪندي هن منزل تي پهتي آهي، قومن کي پنهنجي حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ صدين تائين محنت ڪرڻي پوندي آهي، سانا جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر وليد شيخ چيو ته اسان جيڪا سنڌ 40 سال اڳ ڏٺي هئي، اڄ به ساڳيون حالتون آهن، سانا آمريڪا ۾ سنڌ ۽ انهن جي مسئلن جو هڪ عڪس آهي، زيبسٽ جي پروفيسر وحيده مهيسر چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ سائنسي فني تعليم به حاصل ڪرڻي پوندي، اسان کي ان مسئلي تي نظر رکڻي آهي ته فني تعليم جي ايڪڙن تي وڏين عمارتن وارن موجود 256 فني تعليمي ادارن جي ڪهڙي حالت ۽ سنڌ جو نوجوان ان مان فائدو ڇو نه وٺي سگهيو آهي، ڊاڪٽر بخت جمال شيخ چيو ته سنڌ جو وڏو مسئلو فرسوده جاگيردار ۽ ان جو نظام آهي، جيڪو قوتن جو ساٿاري آهي جيڪي سنڌ ۾ صنعتي، سماجي ترقي ۽ معاشي خوشحالي کي برداشت نه ٿو ڪري ۽ 1947 ۾ سنڌ کي مذهب جي بنياد تي ورهايو ويو، هاڻي اسان کي نئين سنڌ جي تعمير لاءِ سڀني کي پاڻ ۾ ڳنڍڻو پوندو، ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته سنڌ ۾ سانا جي پروگرام خلاف مختلف غلط فهميون اٿاري سانا ڪانفرنس جي مقامي ميزبانن مٿان الزام تراشي ڪئي وئي پر سنڌ جي انساني ترقيءَ واري ڪانفرنس ڪامياب ۽ بهتر نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿي آهي. ان موقعي تي آمريڪا مان آيل سانا اڳواڻ اقبال ترين، شاهده شيخ، اصغر پٺاڻ، ڊاڪٽر اعجاز ترڪ پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ويٽنام مان آيل رفيق منگي، پروفيسر اعجاز قريشي، ذوالفقار واهوچو، عطيه دائود، سينئر صحافي غازي صلاح الدين، صادقه صلاح الدين، فياض نائچ، صحبت ٻرڙو، مهيش ڪمار ۽ ٻين به شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.