ڪنڌڪوٽ ڀرسان مبينا ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال قتل

ڪنڌڪوٽ ( ڊ ر)ڪنڌڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ مريد خان ۾ جوابدار ولي محمد کوسو مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ پنھنجي زال مسمات (ن) خاتون مٿان بندوق جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو اھڙي واقعي جي اطلاع  تي حد ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪري مقتولا عورت جو لاش کڻائي سول اسپتال آندو جتان ضروري قانوني ڪاغذي ڪاروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو جڏهن ته پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگھي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو آهي جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.