ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ گم ٿيل ماڻهن جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، ٻن سالن کان گم افشان کي آزاد نه ڪرائڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته هي جي آءِ ٽي جو ڪيس نه آهي، هي هڪ اهلڪار به حل ڪري سگهي ٿو، سرڪاري وڪيل چيو ته ڇوڪري جي موبائل جو پتو لڳي ويو آهي جلد آزاد ڪرايو ويندو، عدالت چيو ته هرهڪ ماڻهو چئي رهيو آهي ته هي ڪيس ڏکيو نه آهي، ڇوڪري آزاد نه ٿي رهي آهي، عدالت جاچ آفيسر کي ٻه فيبروري تائين اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، افشان 2021ع مان حيدري مارڪيٽ کان گم ٿي وئي هئي، عدالت رٽائرڊ سرڪاري ملازم جي گم ٿيڻ واري ڪيس ۾ به ٻه فيبروري تي رپورٽ طلب ڪري ورتي .