ڪوٽڙي (جبار ڪابورو ) ڪوٽڙي ۾ گذريل ڏينهن ڇريء سان ڳلا ڪپي قتل ڪيل زال مڙس ۽ سندن معصوم ٻار جي واقعي بابت ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي، ٻئي طرف ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته پوليس مقتول الطاف غوري جي ڀاءُ آفتاب کي گرفتار ڪري کانئس پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي، پر ڪيس داخل نه هجڻ سبب پوليس آفتاب غوري جي گرفتاري جي تصديق نه پئي ڪري، مقتولا خاتون مينا جي ڀاءُ خالد موجب واقعي واري وقت سندس مقتولا ڀيڻ کيس فون ڪري چيو هو ته سندس مڙس جي ڀاءُ سميت ٻه مرد ۽ هڪ عورت سندس مڙس جا هٿ پير ٻڌي کيس قتل ڪن پيا جڏهن ته سندس ڳالھ ٻولھ دوران ئي عورت جو ڳلو ڪپي کيس قتل ڪرڻ وارا آواز ۽ رڙيون آيون، پوليس ذريعن موجب مقتولا عورت جي ڀاءُ خالد جي اهڙي بيان جي آڌار تي جاچ اڳتي وڌائي وئي آهي، معاملي جي ٻين رخن تي به جاچ هلندڙ آهي، ٻه ڏينهن اڳ ڪوٽڙي جي سڪندر آباد ڪالوني ۾ فجر مهل مسواڙ جي گهر ۾ رهندڙ 35 سالن جي الطاف غوري، 34 سالن جي سندس زال مينا ۽ 8 سالن جي سندن معصوم ٻار عادل کي ڇريءَ سان ڪهي قتل ڪيو ويو هو.