ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس ۾ وڌيڪ 80 بسن جي واڌ

ڪراچي رپورٽر) سنڌ جي نگران حڪومت طرفان ڪراچي جي شهرين لاءِ شهر ۾هلندڙ بسن ۾ وڌيڪ 80 بسن جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪالهه اڱاري ڏينهن منعقد ٿيل  هڪ تقريب ۾ پيپلز بس سروس جي ٻيڙي ۾ 80 نيون بسون شامل ڪيون جن ۾ 30 هائبرڊ ۽ 50 اليڪٽرڪ گاڏيون شامل آهن. 80 نيون بسون شامل ڪرڻ سان هاڻي ٽوٽل انگ 300 ٿي ويو آهي جن ۾ عورتن لاءِ هلندڙ 18 پنڪ بسون پڻ شامل آهن. هن اها ڳالهه قائد اعظم جي مزار تي انٽر سٽي پيپلز بس سروس ۾ 30 هائبرڊ ۽ 50 اليڪٽرڪ بسن سميت 80 بسن جي اضافي واري افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز، تعليم واري وزير ڊاڪٽر راڻا حسين، اطلاعات واري وزير احمد شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته  2015 جي وچ تائين ڪراچي ۾ 3.6 ملين گاڏيون رجسٽرڊ هيون جيڪي ملڪي سطح تي گاڏين جي ٽوٽل تعداد جو 30 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن. پرائيويٽ گاڏيون خاص ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ڪارون، رجسٽرڊ گاڏين جي ٽوٽل انگ جو لڳ ڀڳ 84 سيڪڙو آهن. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته خانگي گاڏين جو شرح 4 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي جنهن جو مطلب آهي ته ڪراچي جي روڊن تي روزانو هڪ هزار کان وڌيڪ نيون گاڏيون شامل ٿي رهيون آهن. جسٽس باقر چيو ته شهر جي 267 رستن تي 12 هزار کان وڌيڪ سرڪاري گاڏيون آهن جن ۾ بسون، مني بسون ۽ ڪوچون شامل آهن. بهرحال بسن جو تعداد گهٽجي رهيو آهي ۽ 2017 تائين 5000 کان گهٽ بسون 100 کان گهٽ رستن تي هلنديون هيون. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 15000 جديد بسون هجڻ گهرجن. نگران وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ڪمرشل ٽرانسپورٽ سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ٽرانسپورٽ حڪومت جي پاليسين موجب آهي. ان موقعي تي ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ اين آر ٽي سي چيئرمين صهيب شفيق پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.