آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ڪوهليءَ جي ترقي، بابر مٿان زوال جا ڪڪر گهرا!

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ 3 درجا بهتري سان ڇهين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
آءِ سي سي جي هفتيوار ٽيسٽ رينڪنگ موجب، نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن 864 ريٽنگ پوائنٽس سان پهرين پوزيشن تي قابض جڏهن انگلش بيٽر جوئي روٽ 859 پوائنٽس سان ٻئي نمبر تي موجود آهي.
پاڪستان خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪندڙ اسٽيو سمٿ ۽ مارنس لبيوشين ترتيبوار ٽين ۽ چوٿين پوزيشن تي موجود آهن.
اهڙي طرح ويرات ڪوهلي ڏکڻ آفريڪا شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي بابر اعظم کي پوئتي ڇڏيندي ڇهين پوزيشن ماڻي ورتي آهي جڏهن ته مسلسل خراب فارم سبب بابر اعظم 768 پوائنٽس اٺين نمبر تي هليو ويو آهي.
ان کانسواءِ قومي بيٽر محمد رضوان 17 هين ۽ سعود شڪيل 14 هين نمبر تي موجود آهن.
بالرن جي درجابندي ۾ عامر جمال ڊيبيو سيريز ۾ ئي شاندار راند جو مظاهرو ڪندي 12 درجا ترقي حاصل ڪئي ۽ هو ڪيريئر بيسٽ 45 هين نمبر تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته شاهين آفريدي 733 پوائنٽس سان ٻارنهين نمبر تي موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.