مشهور ڀارتي گلوڪار لاڏاڻو ڪري ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جو مشهور ڪلاسيڪل گلوڪار ۽ موسيقار استاد راشد علي خان ڪينسر سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب استاد راشد علي خان ڪينسر سان ڊگھي جنگ وڙهڻ کان پوءِ اڱاري جي ڏينهن زندگي جي جنگ هارائي ويو، سندس عمر 55 ورهيه هئي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته استاد راشد علي خان نومبر کان ڪولڪته جي مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ کيس طبيعت ناساز ٿيڻ تي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو.

The great Ustad Rashid Khan passes away at 55
راشد خان پنهنجي شاندار ڪلاسيڪل گلوڪاري ۽ موسيقاري سبب سڃاتو ويندو هو. پنهنجي شاندار ڪيريئر دوران هن ڪيترائي ميوزيڪل ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا جڏهن ته 2022ع ۾ کيس ڀارتي حڪومت پاران ملڪ جي ٽئين وڏي ايوارڊ پدما ڀوشن سان نوازيو ويو هو.
ان کانسواءِ هو نوجوانن کي موسيقي ۽ گلوڪاري به سيکاريندو هو.
استاد راشد علي خان جي لاڏاڻي تي ڀارتي فلم انڊسٽري، سياسي ۽ ٻين شخصيتن پاران ڏک جو اظهار ڪندي گلوڪار کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.