” اسٽيو سمٿ اوپننگ ڪئي ته هو لارا جو 400 رنز وارو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو “

سڊني ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن اسٽيو سمٿ ٽيسٽ فارميٽ ۾ اوپننگ ڪندو ته هو برائن لارا جو رڪارڊ ٽوڙي سگهي ٿو.
اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ اوپنر ڊيوڊ وارنر جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ کانپوءِ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ گفتگو ڪندي چيو ته اوپنر طور اسٽيو سمٿ ويسٽ انڊيز جي ليجنڊري ڪرڪيٽر برائن لارا جو هڪ اننگز ۾ چار سئو رنسن وارو رڪارڊ ٽوڙي سگهي ٿو.
هن چيو ته اسٽيو سمٿ لاءِ اِهو هڪ چئلينج ضرور هوندو پر هڪ سال اندر هو پنهنجي راند تبديل ڪري اوپنر بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جيڪڏهن هن لارا جو رڪارڊ ٽوڙيو ته حيرت نه ٿيندي ڇو ته هو هڪ شاندار ڪرڪيٽر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.