حڪومت فري لانسرز کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وفاقي حڪومت فري لانسرز جي سهولت لاءِ 10 هزار اِي-روزگار سينٽرز قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ (11 جنوري) تي ان جو باقاعدا افتتاح ڪندو.
انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب آءِ ٽي واري نگران وفاقي وزير عمر سيف ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 15 لک فري لانسرز باقاعدا ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان گھڻن کي گھربل سهولتون نٿيون ملن.
هن چيو ته سمورين سهولتن سان ليس هر اِي روزگار مرڪز ۾ 100 ماڻهن جي ڪم ڪرڻ جي گنجائش هوندي، هر مرڪز ۾ 100 ورڪنگ اسٽيشنز يعني 10 لک فري لانسرز لاءِ سهولت هوندي ۽ اُهي فري لانسرز ساليانو 10 ارب ڊالر تائين ناڻو ڪمائي سگھندا.
عمر سيف جو چوڻ هو ته نگران حڪومت ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن جا ڪامياب ترين 4 مهينا رهيا ۽ ان شعبي کي هٿي ڏيڻ لاءِ 13 انقلابي قدم کنيا ويا، ان ٿوري مدي ۾ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ڀرپور سهڪار سان قدم ممڪن ٿي سگھيا.
ڊاڪٽر عمر سيف جو چوڻ هو ته انهن قدمن سان عوام کي سڌيءَ ريت فائدو ٿيندو ۽ ملڪ ۾ وڏي سيڙپڪاري جا دڳ به کُلي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.