پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي مشاورت لاءِ سڀاڻي اهم اجلاس طلب ڪري ورتو، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ سان رابطي بابت فيصلو ڪيو ويندو.
ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن جي اجلاس جي صدارت سڪندر سلطان راجا ڪندو ۽ اليڪشن ڪميشن جا ميمبر، اسپيشل سيڪريٽري اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.
اجلاس ۾ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ بابت مشاورت ڪئي ويندي.
واضح رهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي پي ٽي آءِ جو بيٽ جو نشان بحال ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.