هيانءُ ڏياريندڙ واقعو، گهر مان 10 لاش هٿ

لڪي مروت (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت ۾ هڪ گهر مان 10 ڄڻن جا لاش برآمد ٿيا آهن.
خيبر پختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت جي تختي خيل ۾ هڪ گهر مان 10 ڄڻن جا لاش مليا، جن ۾ گهر جو سربراهه، عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.
پوليس ٻڌايو ته لاش ٻه ڏينهن پراڻا آهن، شروعاتي جاچ موجب کاڌي ۾ ڪا زهريلي شئي استعمال ٿي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
پوليس موجب فوتين جي مائٽ وزيرستان مان ٻه ڏينهن اڳ کاڌو آندو هو، متاثر خاندان جي سربراهه جو ڀاءُ جڏهن گهر پهتو ته کيس واقعي جو علم ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.