زيادتي ڪيس: نيپالي ڪرڪيٽر سنديپ لاميچاني کي اٺ ورهيه قيد جي سزا

کٽمنڊو ( ويب ڊيسڪ ) نيپالي ڪرڪيٽر سنديپ ليمچاني کي ناريءَ سان زيادتي جي ڏوهه ۾ قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، گذريل مهيني سنديپ لاميچاني تي ناريءَ سان زيادتي جو ڏوهه ثابت ٿيو هو، عدالت چيو هوته زيادتي وقت متاثر ناري نابالغ هئي ۽ سزا ايندڙ مهيني ٻڌائي ويندي.
کٽمنڊو جي مقامي عدالت اڄ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو جنهن موجب نيپالي ڪرڪيٽر اٺ ورهيه قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ڀوڳيندو.
رپورٽ موجب، لاميچاني جي وڪيل چيو ته هو عدالتي فيصلي خلاف اعليٰ عدالت ۾ اپيل داخل ڪندا.
واضح رهي ته سپٽيمبر 2022ع مبينا طور 17 سالا ناري پاران سنديپ خلاف شڪايت داخل ڪرائي وئي هئي، جنهن ۾ الزام مڙهيو ويو هو ته ڪرڪيٽر کٽمنڊو جي هڪ هوٽل جي ڪمري ۾ ساڻس زيادتي ڪئي.
سنديپ لاميچاني سئو کان وڌيڪ عالمي مقابلن ۾ نيپال جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.