ٻن سالن کان گم ڇوڪريءَ جي ڳولا ۾ ناڪامي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڪاوڙ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن سالن کان گم افشان جي ڳولا ۾ ناڪامي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جاچ آفيسر کي ٻه فيبروري تائين اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ٻن سالن کان گم افشان جي ڳولا ۾ ناڪامي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو ته هي ڪو جي آءِ ٽي جو ڪيس آهي، ان کي ته ڪانسٽيبل به حل ڪري سگهي ٿو، جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته اهو ڏکيو ڪيس ناهي، اميد ته جلد حل ڪنداسين.
عدالت ڪاوڙ ڪندي چيو ته ڪيتري جلدي حل ڪندئو، ٻه سال ته گذري ويا آهن، سرڪاري وڪيل چيو ته ڇوڪريءَ جي موبائل فون جو پتو پئجي ويو آهي، جلد ان کي به ڳولي وٺنداسين.
عدالت چيو ته هر ڪو اسان کي ٻڌائي رهيو آهي ته ڪيس ڏکيو ناهي پر ڇوڪري آزاد نه پئي ٿئي، ڳالهين کانسواءِ عملي قدم به کڻو.
عدالت جاچ آفيسر کي ٻه فيبروري تائين اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
واضح رهي ته افشان 2021 ۾ ابراهيم حيدري مارڪيٽ مان گم ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.