ڪراچي ۾ هلندڙ مهيني جي ٿڌي ترين رات رڪارڊ، پارو ڪيترو رهيو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گذريل رات هلندڙ مهيني جي ٿڌي ترين رات رهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي آهي ۽ گذريل رات شهر ۾ هلندڙ مهيني جي ٿڌي ترين رات رهي.
سندس موجب گذريل رات شهر جو گهٽ کان گهٽ پارو 12 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو جنوري جو سڀ کان گهٽ پارو آهي، جڏهن ته هلندڙ سياري جي ٿڌي ترين رات ڊسمبر ۾ 11.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي.
هن چيو ته هلندڙ سال ٿڌ گهٽ ٿي رهي آهي پر ٿڌ جي موجوده لهر وڌيڪ ٻه کان ٽي هفتن تائين جاري رهندي، ايندڙ ڏينهن ۾ پارو وڌيڪ ڪِري سگهي ٿو، گهٽ کان گهٽ پارو 10 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.