روز حادثا، سئلينڊر وٺندي ڪهڙين ڳالهين جو خيال رکجي؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي ترجمان چيو آهي ته غير معياري سئلينڊر ۽ ايل پي جي ليڪيج حادثن جا سبب آهن، گئس سئلينڊر کي تمام احتياط سان استعمال ڪرڻ گهرجي.
پنهنجي بيان ۾ اوگرا ترجمان چيو ته گئس سيفٽي تي گذريل سال کان مهم هلائي رهيا آهيون، مارڪيٽ ۾ ملندڙ ننڍا سئلينڊر غير معياري هوندا آهن، جتي غير معياري سئلينڊر ملندا آهن، اسان اتي ڪارروائي ڪندا آهيون.
هن چيو ته اوگرا جي ويب سائيٽ تي سئلينڊر مينوفيڪچررز جي فهرست موجود آهي، سئلينڊر وٺندي ان جي مقرر وزن جو خيال رکو، جڏهن ته گئس پريشر پمپ جو استعمال غير قانوني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.