نرگس فخري به پاڪستانيءَ جي ڌيءَ نڪتي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا نرگس فخري انڪشاف ڪيو آهي ته سندس پيءُ جو واسطو پاڪستان سان آهي.
آمريڪا ڄاول بالي ووڊ اداڪارا نرگس فخري جي ڳڻپ انهن ڀارتي اداڪارائن ۾ ٿيندي آهي جن بالي ووڊ ۾ پنهنجي پهرين فلم کان ئي شهرت حاصل ڪئي.
رنبير ڪپور جي فلم راڪ اسٽار سان بالي ووڊ ۾ پير رکندڙ مشهور اداڪارا نرگس فخري ڪيترن ئي پاڪستاني اشتهارن ۾ به ڪم ڪيو آهي پر ان بابت ڪو به نٿو ڄاڻي ته پاڪستان سان سندس خاندان جو گھرو واسطو آهي.
هڪ انٽرويو دوران پنهنجي خاندان بابت ڳالهائيندي نرگس فخري چيو ته سندس پيءُ پاڪستاني هو جڏهن ته سندس ماءُ جو واسطو جمهوريه چيڪ سان هو.
نرگس فخري پنهنجي ڄم بابت ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته هن جي پيدائش نيويارڪ شهر ۾ ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.